سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي سفير ايمين ڪوهودر يويسا ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻه طرفن ناتن، پارلياماني سهڪار، اقتصادي ڀائيواري، تعليمي ۽ ثقافتي رابطن سميت گڏيل دلچسپيءَ جي ٻين معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين بوسنيا جي سفير کي ڀليڪار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ بوسنيا ۽ هرزيگووينا وچ ۾ …

اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي سفير ايمين ڪوهودر يويسا ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻه طرفن ناتن، پارلياماني سهڪار، اقتصادي ڀائيواري، تعليمي ۽ ثقافتي رابطن سميت گڏيل دلچسپيءَ جي ٻين معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين بوسنيا جي سفير کي ڀليڪار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ بوسنيا ۽ هرزيگووينا وچ ۾ ناتا تاريخي، دوستاڻا ۽ گڏيل احترام، يڪجهتي ۽ گڏيل قدرن تي ٻَڌل آهن. هن چيو ته پاڪستان انهن پهرين ملڪن مان آهي جنهن بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي آزاديءَ کي تسليم ڪيو ۽ ان جي ڏُکئي دؤر ۾ سياسي ۽ انساني همدرديءَ تي ٻَڌل ڀرپور سهڪار فراهم ڪيو. سينيٽ چيئرمين بوسنيا جي عوام جي جرئت ۽ استقلال کي خراجِ تحسين پيش ڪندي بوسنيا جي خودمختياري، وحدت ۽ علائقائي سلامتيءَ جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان هميشه عالمي قانونن، انساني حقن جي احترام ۽ قومن جي امن ۽ سلامتيءَ جي اصولن تي قائم رهيو آهي. هن 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي بدترين ٻوڏ دوران بوسنيا طرفان پاڪستان کي فراهم ڪيل امداد تي پڻ شڪريو ادا ڪيو. سيينٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ بوسنيا ۽ هرزيگووينا وچ ۾ ناتا خوشگوار، پُراعتماد ۽ هاڪاري رجحان رکندڙ آهن. هن ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطا ٻه طرفن ناتن کي نئين جدت بخشيندا. سيد يوسف رضا گيلاني پارلياماني سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريندي چيو ته پاڪستان ۽ بوسنيا جي پارليامينٽس وچ ۾ پارلياماني فرينڊشپ گروپس دوستي ۽ گڏيل عمل کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن بوسنيا جي پارلياماني وفدن کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني ته جيئن ٻئي ايوان هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته عوامي رابطن کي هٿي وٺرائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. سينيٽ چيئرمين اقتصادي ۽ واپاري ناتن کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪسٽائل، سياحت، زراعت ۽ فوڊ پراسيسنگ جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار جا وسيع امڪان موجود آهن. هن چيو ته نوجوانن جي مٽاسٽا، راندين جي سهڪار ۽ يونيورسٽين وچ ۾ رابطن سان دوستيءَ جا رشتا مضبوط ٿيندا. سينيٽ چيئرمين بوسنين ڪاروباري طبقي ۽ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جا موقعا تلاش ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته پاڪستان جو اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) پرڏيهي سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ مربوط پليٽ فارم آهي. سينيٽ چيئرمين آگاهه ڪيو ته کيس بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جو باني چيئرمين چونڊيو ويو جيڪا هاڻ 45 ملڪن جي پارلياماني اسپيڪرز کي گڏ ڪري رهي آهي. هن بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي پارلياماني وفد جي 11 کان 12 نومبر تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ آءِ ايس سي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني. هن چيو ته اهي ڪانفرنسون امن، سلامتي ۽ ترقيءَ جي موضوع تحت گڏيل چئلينجز ۽ موقعن تي مٽاسٽا جي خيال لاءِ هڪ اهم فورم ثابت ٿينديون ۽ بوسنيا جي شرڪت سان گڏيل هم آهنگي ۽ پارلياماني سفارتڪاري کي وڌيڪ هٿي ملندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ بوسنيا کي عالمي فورمز تي هڪٻئي جي حمايت جاري رکڻي پوندي ۽ انصاف، مساوات ۽ جٽادار ترقيءَ لاءِ گڏيل آواز کي بلند ڪرڻ گهرجي. بوسنيا جي سفير پاڪستان حڪومت، عوام ۽ پارليامينٽ جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڏُکين حالتن ۾ اسان جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت ڪئي جنهن تي اسان ٿورائتا آهيون. سفير شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ذڪر پڻ ڪيو ۽ چيو ته 1994ع ۾ شهيد محترمه بوسنيا ۾ اسپتالن، ڪيمپس جو دؤرو ڪيو ۽ قيادت سان ملاقاتون ڪيون هيون. سفير پاڪستان کي خطي جو اهم ملڪ قرار ڏنو.

مزید خبریں