اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اکين جي نور کان محروم ماڻهو اسان جي معاشري جا احترام جوڳا ۽ فعال حصو آهن، جن پنهنجي محنت، عزم ۽ حوصلي سان ثابت ڪيو آهي ته معذوري ڪنهن به صلاحيت جي راهه ۾ رڪاوٽ نٿي بڻجي سگهي. اکين جي نور کان محروم ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو …
سينيٽ چيئرمين جو اکين جي نور کان محروم ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيغام

مزید خبریں
اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اکين جي نور کان محروم ماڻهو اسان جي معاشري جا احترام جوڳا ۽ فعال حصو آهن، جن پنهنجي محنت، عزم ۽ حوصلي سان ثابت ڪيو آهي ته معذوري ڪنهن به صلاحيت جي راهه ۾ رڪاوٽ نٿي بڻجي سگهي. اکين جي نور کان محروم ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اکين جي نور کان محروم ماڻهن لاءِ شموليت، رسائي، برابري وارا موقعا ۽ باوقار زندگي کي يقيني بڻائڻ اسان سڀني جي اجتماعي ذميداري آهي، هڪ اهڙو معاشرو جيڪو پنهنجي ڪمزور طبقي کي سهارو ڏي ۽ سندن لاءِ رڪاوٽن کان پاڪ ماحول پيدا ڪري اهوئي حقيقي معنائن ۾ ترقي يافته ۽ انساني دوست معاشرو چورائي ٿو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته اکين جي نور کان محروم ماڻهن لاءِ سفيد ڇڙي خود اعتمادي، خودمختياري ۽ حوصلي جي علامت آهي، جيڪا اسان کي ياد ڏياري ٿي ته زندگيءَ ۾ چئلينجز باوجود ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته ادارن ۽ پاليسي سازن کي گهرجي ته هو اهڙا عمل قدم کڻن جن سان اکين جي نور کان محروم ماڻهو تعليم، روزگار ۽ معاشرتي زندگيءَ ۾ برابر جي بنياد تي حصو وٺي سگهن. سيد يوسف رضا گيلاني پارليامينٽ طرفان معذور ماڻهن، خاص ڪري اکين جي نور کان محروم شهرين جي حقن جي تحفظ، ڀلائي ۽ شموليتي پاليسي کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن معاشري جي سمورن طبقن تي زور ڀريو ته هو گڏجي اهڙو ماحول جوڙين جتي ڪنهن جي معذوري نه پر صلاحيت ۽ ڪردار سندن سُڃاڻپ بڻجي.











