پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربع ڏينهن تيزي جو رجحان برقرار رهيو

اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربع ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 210.36 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 165686.38 تي بند ٿيو. ڪاروبار جي شروعات تي مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان رهيو ۽ هڪ مرحلي تي انڊيڪس 167561.69 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي پهتو جڏهن ته کانپوءِ انڊيڪس 165686.38 تي بند ٿيو، مجموعي طور تي 489 ڪمپنين جي 1528.36 ملين …

اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربع ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 210.36 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 165686.38 تي بند ٿيو. ڪاروبار جي شروعات تي مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان رهيو ۽ هڪ مرحلي تي انڊيڪس 167561.69 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي پهتو جڏهن ته کانپوءِ انڊيڪس 165686.38 تي بند ٿيو، مجموعي طور تي 489 ڪمپنين جي 1528.36 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 68.60 ارب رپيا هئي. 249 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 204 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 36 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 111.59 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 50923.16 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 1387.79 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 241650.71 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 17.08 ارب رپين جا سودا طئي ٿيا. گذريل ڏينهن اليڪٽرڪ جي 383103314 شيئرز، بئنڪ آف پنجاب 142130321 شيئرز، ورلڊ ڪال ٽيلي ڪام جي 116447451 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. فرسٽ داود پراپر ٽيز لميٽيڊ، ايسڪارٽس انويسٽمنٽ بئنڪ ۽ پي آءِ اي هولڊنگز لميٽيڊ سرفهرست ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون، مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن جو ڳاڻيٽو 68.2 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں