اسلام آباد - 15 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ موجوده سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال سميت قومي اهميت جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير احسن اقبال، …
صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي ۽ موجوده سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال سميت قومي اهميت جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير احسن اقبال، بين الصوبائي رابطن، سياسي ۽ عوامي معاملن وارو وزير راڻا ثناءُ الله خان، گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير سينيٽر سيد محسن نقوي، قانون ۽ انصاف ۽ انساني حقن وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، سينيٽر سليم مانڊوي والا، سينيٽر شيري رحمان ۽ سيد نيئر حسين بخاري پڻ موجود هئا. ملاقات دوران صدر ۽ وزيراعظم موجوده سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال سميت قومي اهميت جي معاملن ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ۽ معاشي مفادن تي اثرانداز ٿيندڙ تازي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم صدر کي عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن ۽ غزه ۾ امن جي لاءِ ڪوششن سميت پنهنجي تازي مصر ۽ ملائيشيا جي دورن بابت آگاهه ڪيو. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف نويڪلائي ۾ ملاقات پڻ ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن قومي ترجيحن ۽ حڪومتي پاليسين جي مجموعي رخ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳوڻن قومي اهميت جي معاملن تي سياسي مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.











