پاڪستان پاران قنڌار ۽ ڪابل ۾ افغان طالبان ۽ خوارجين جي ٺڪاڻن تي فضائي حملا، فتنه الخوارج جي مرڪز ۽ قيادت کي نشانو بنايو ويو

راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان، افغانستان جي صوبي قنڌار ۽ ڪابل ۾ ڪجهه فضائي حملا افغان طالبان ۽ خواجين جي ٺڪاڻن تي ڪيا آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج قنڌار ۾ افغان طالبان بٽالين هيڊ ڪوارٽر نمبر 4، 8 بٽالين ۽ بريگيڊ نمبر 5 جي هدفن کي نشانو بنايو، اهي سمورا هدف چونڊيا ويا جيڪي شهري آبادي کان الڳ هئا ۽ ڪاميابي سان تباهه ڪيا ويا. ڪابل ۾ فتنه …

راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان، افغانستان جي صوبي قنڌار ۽ ڪابل ۾ ڪجهه فضائي حملا افغان طالبان ۽ خواجين جي ٺڪاڻن تي ڪيا آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج قنڌار ۾ افغان طالبان بٽالين هيڊ ڪوارٽر نمبر 4، 8 بٽالين ۽ بريگيڊ نمبر 5 جي هدفن کي نشانو بنايو، اهي سمورا هدف چونڊيا ويا جيڪي شهري آبادي کان الڳ هئا ۽ ڪاميابي سان تباهه ڪيا ويا. ڪابل ۾ فتنه الخوارج جي مرڪز ۽ قيادت کي نشانو بنايو ويو. پاڪ فوج ڪنهن به جارحيت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي.

مزید خبریں