پاڪ فوج جو نوشڪي سيڪٽر ۾ افغانستان کي ڀرپور جواب، غزنالي پوسٽ تي پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪايو ويو

راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج نوشڪي سيڪٽر ۾ افغانستان کي ڀرپور جواب ڏيندي غزنالي پوسٽ تي پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن مطابق پاڪ فوج طرفان افغان طالبان فورسز جي جارحيت جي جواب ۾ ڀرپور ڪارروائي ڪئي وئي. افغانستان جي حدن ۾ 3 ڪلوميٽر اندر واقع غزنالي پوسٽ تباهه ڪئي وئي، افغان طالبان فوجي جوابي حملي ۾ غزنالي پوسٽ ۽ هٿيار ڇڏي فرار ٿيا ويا. پاڪ فوج جي …

راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج نوشڪي سيڪٽر ۾ افغانستان کي ڀرپور جواب ڏيندي غزنالي پوسٽ تي پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن مطابق پاڪ فوج طرفان افغان طالبان فورسز جي جارحيت جي جواب ۾ ڀرپور ڪارروائي ڪئي وئي. افغانستان جي حدن ۾ 3 ڪلوميٽر اندر واقع غزنالي پوسٽ تباهه ڪئي وئي، افغان طالبان فوجي جوابي حملي ۾ غزنالي پوسٽ ۽ هٿيار ڇڏي فرار ٿيا ويا. پاڪ فوج جي اثرائتي ڪارروائين سان هاڻي تائين سرحد پار طالبان جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه ٿي چڪا آهن. پاڪ فوج 21 افغان طالبان پوسٽون عارضي طور تي قبضي ۾ ورتيون جڏهن ته دهشتگردن جون ڪيتريون ئي تربيتي ڪيمپون ناڪاره بنايون ويون. ڳجهن اطلاعن مطابق 200 کان وڌيڪ طالبان ۽ انهن جا مددگار دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي آهن. پاڪ فوج ڪنهن به پرڏيهي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار آهي.

مزید خبریں