پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو دارومدار تعليم يافته ۽ باصلاحيت نوجوان نسل تي آهي: بئريسٽر دانيال چوڌري

راولپنڊي - 15 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو دارومدار تعليم يافته ۽ باصلاحيت نوجوان نسل تي آهي. نئين نسل پاڪستان جو روشن مستقبل آهي ۽ معياري تعليم ئي قومي ترقي جي حقيقي ضمانت آهي. اها ڳالهه هن ويسٽ منسٽر انٽرنيشنل اسڪول بحريه ٽائون ۾ منعقد ”انوويسٽچر اينڊ هاءِ اچيورز“ تقريب ۾ خاص …

راولپنڊي – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو دارومدار تعليم يافته ۽ باصلاحيت نوجوان نسل تي آهي. نئين نسل پاڪستان جو روشن مستقبل آهي ۽ معياري تعليم ئي قومي ترقي جي حقيقي ضمانت آهي. اها ڳالهه هن ويسٽ منسٽر انٽرنيشنل اسڪول بحريه ٽائون ۾ منعقد ”انوويسٽچر اينڊ هاءِ اچيورز“ تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي شاگردن، والدين، استادن، معزز مهمانن ۽ سماجي شخصيتن جو وڏو انگ پڻ موجود هو. بئريسٽر دانيال چوڌري بعد ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽس ۽ شيلڊز ورهايون ۽ چيو ته ويسٽ منسٽر اسڪول جديد تعليمي گهرجن موجب نصابي ۽ غيرنصابي سرگرمين جي ذريعي شاگردن جي صلاحيتن کي نکارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي اسڪول جي وائيس پرنسپل فرحت ڪامران چيو ته ويسٽ منسٽر انٽرنيشنل اسڪول جو مقصد رڳو تعليم فراهم ڪرڻ نه آهي پر شاگردن جي بهترين شخصيت جي تعمير آهي ته جيئن اهي مستقبل جي چئلينجز جو بهتر انداز ۾ مقابلو ڪري سگهن. هن چيو ته اسڪول جي ڪاميابي استادن جي محنت،  شاگردن جي لڳاءُ ۽ والدين جي ڀرپور تعاون جو نتيجو آهي.

مزید خبریں