صدر آصف علي زرداري سان چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ملاقات

اسلام آباد - 15 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران فيلڊ مارشل صدر کي ملڪ جي مجموعي اندروني ۽ ٻاهرئين سلامتي جي ماحول تي بريفنگ ڏني. هن صدر کي افغان طالبان حڪومت جي جارحاڻي ۽ اشتعال انگيز ڪاررواين سبب پيدا ٿيندڙ تازي …

اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران فيلڊ مارشل صدر کي ملڪ جي مجموعي اندروني ۽ ٻاهرئين سلامتي جي ماحول تي بريفنگ ڏني. هن صدر کي افغان طالبان حڪومت جي جارحاڻي ۽ اشتعال انگيز ڪاررواين سبب پيدا ٿيندڙ تازي سيڪيورٽي صورتحال سان گڏوگڏ پاڪستان جي هٿياربند فوج پاران فوري ۽ مناسب ردعمل کان پڻ آگاهه ڪيو. صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي هٿياربند فوج جي طاقت، بهادري، صلاحيت ۽ تياري تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. هن ملڪ جي سرحدن جي دفاع ۽ افغان سرحد تان سرحد پار حملن کي تيزي سان ناڪام بڻائڻ ۾ انهن جي چوڪسي ۽ پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو. صدر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان پنهنجي قومي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو هر قيمت تي دفاع ڪندو.

مزید خبریں