اسلام آباد - 15 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان آڊيٽر جنرل آف پاڪستان مقبول احمد گوندل ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر مالي شفافيت، احتساب ۽ گڊ گورننس جي فروغ ۾ آڊيٽر جنرل جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته آڊيٽر جنرل جو آئيني ڪردار مليڪ مالي نظم ۽ ضبط کي مستحڪم ڪرڻ ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو، …
صدر آصف علي زرداري سان آڊيٽر جنرل آف پاڪستان مقبول احمد گوندل جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان آڊيٽر جنرل آف پاڪستان مقبول احمد گوندل ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر مالي شفافيت، احتساب ۽ گڊ گورننس جي فروغ ۾ آڊيٽر جنرل جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته آڊيٽر جنرل جو آئيني ڪردار مليڪ مالي نظم ۽ ضبط کي مستحڪم ڪرڻ ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو، آڊيٽر جنرل جي اداري جو مالي وسيلن جي موثر استعمال ۽ نظام جي بهتري ۾ اهم ڪردار آهي. صدر هدايت ڪئي ته ادارو اندروني سڌارن ۽ ڪارڪردگي ۾ بهتري جي لاءِ لاڳاپيل ادارن سان ويجهو تعاون جاري رکي. صدر زور ڏنو ته آڊٽ رپورٽس تي موثر عملدرآمد ۽ وقت سر سڌاراجاتي قدمن سان ڪرپشن ۽ مالي بي ضابطگيون گهٽ ڪري سگهجن ٿيون. هن چيو ته عالمي بهترين طريقيڪار ۽ جديد ٽيڪنالاجي، بشمول مصنوعي ذهانت اختيار ڪرڻ سان شفافيت ۾ اضافو ممڪن آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته مالي شفافيت، موثر طرز حڪمراني ۽ پيشيواراڻي ديانت جي ضرورت اڄ اڳ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. صدر يقين ظاهر ڪيو ته آڊيٽر جنرل جي آفيس قومي مفاد ۾ اعليٰ معيار جي احتساب کي برقرار رکندي.











