ڪنهن به جارحيت جو جواب تيز، فيصلائتو ۽ شديد انداز ۾ ڏنو ويندو: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) چيو آهي ته سڄي دنيا ڀارت کي سرحد پار دهشتگردي جو حقيقي چهرو ۽ علائقائي عدم استحڪام جو مرڪز تسليم ڪري ٿي، ڪنهن به جارحيت جو جواب تيز، فيصلائتو ۽ شديد انداز ۾ ڏنو ويندو. جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته حق جي ويڙهه کي 5 مهينا گذرڻ باوجود ڀارتي رياستن بهار ۽ اولهه …

راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) چيو آهي ته سڄي دنيا ڀارت کي سرحد پار دهشتگردي جو حقيقي چهرو ۽ علائقائي عدم استحڪام جو مرڪز تسليم ڪري ٿي، ڪنهن به جارحيت جو جواب تيز، فيصلائتو ۽ شديد انداز ۾ ڏنو ويندو. جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته حق جي ويڙهه کي 5 مهينا گذرڻ باوجود ڀارتي رياستن بهار ۽ اولهه بنگال ۾ اسيمبلي چونڊ مهم جي ڏس ۾ ڀارتي فوجي قيادت ان ئي روايتي، من گهڙت ۽ اشتعال انگيز پروپيگنڊائن کي ورجائي رهي آهي، جنهن کي هو رياستي چونڊن کان اڳ ورجائڻ شروع ڪري ڇڏيندي آهي. آءِ ايس پي آر موجب هڪ ايٽمي قوت جي فوجي قيادت کي سياسي دٻاءُ ۾ اچي غيرذميوارڻا بيان جاري ڪرڻ نهايت افسوسناڪ ڳالهه آهي. انهن ڪوڙن بيانن ڀارتي عوام ۽ عالمي برادري آڏو ڀارتي عسڪري مشين کي مشڪرو بڻائي ڇڏيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هر پيشيور سپاهي اهو ڄاڻي ٿو ته غير ضروري آڪڙ ۽ شهرت لاءِ غيرمناسب بيان جنگي صورتحال پيدا ڪري سگهن ٿا، جيڪي ڏکڻ ايشيا جي امن ۽ استحڪام لاءِ سنگين نتيجا پيدا ڪري سگهن ٿا. ڀارتي فوجي پريس رليز ۾ موجود ٽڪراءُ ايترا واضح آهن جو انهن جواب ڏيڻ موزون ناهي. ڀارتي قيادت تاريخ کي پنهنجي من پسند شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ بي بنياد فلمي منظر ترتيب ڏئي رهي آهي، ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ڀارتي فوجي ۽ سياسي قيادت اهو قبول ڪرڻ کان انڪاري نظر اچي رهيا آهن ته حق جي ويڙهه ۾ کين فيصلائتي شڪست ٿي ۽ انهن جي غلط بياني بي نقاب ٿي آهي. دنيا ڀارت جي سرحد پار دهشتگردي جو چهرو ۽ علائقائي عدم استحڪام جو مرڪز تسليم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو اڳرائي ۽ غلبه پسند پاليسين تي عمل پيرا آهي ۽ جنهن جو نقصان ان جي پنهنجي عوام ۽ پاڙيسري ملڪ ٻنهي کي پهچي رهيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪستاني قوم ۽ سندس هٿياربند فوج ملڪي سالميت جي دفاع لاءِ پوري طرح اهل ۽ پختو عزم رکي ٿي، ڪنهن به جارحيت جو جواب تيز، فيصلائتو ۽ شديد انداز ۾ ڏنو ويندو، جيڪو ايندڙ نسلن تائين ياد رکيو ويندو.

مزید خبریں