وزيراعظم جي خاص مددگار رانا احسان افضل خان جي يو اي اي جي پرڏيهي واپار واري وزير سان ملاقات

ابوظهبي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار رانا احسان افضل خان متحده عرب امارات جي پرڏيهي واپار واري وزير ڊاڪٽر ثاني بن احمد الزيودي سان ملاقات ڪئي ۽ يو اي اي جي ڪاروباري برادري کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا نوان موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني. گذريل ڏينهن جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي …

ابوظهبي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار رانا احسان افضل خان متحده عرب امارات جي پرڏيهي واپار واري وزير ڊاڪٽر ثاني بن احمد الزيودي سان ملاقات ڪئي ۽ يو اي اي جي ڪاروباري برادري کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا نوان موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني. گذريل ڏينهن جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. رانا احسان افضل خان يو اي اي جي ڪاروباري برادري کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا نوان موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني خاص ڪري يو اي اي جي ڪمپنين کي 25 کان 27 نومبر تي ٿيندڙ ”فوڊ اينڊ ايگريڪلچر“ 2025ع نمائش ۾ شرڪت جي خاص دعوت ڏني. اها نمائش واپار واري وزارت جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيندي. رانا احسان افضل خان ملاقات دورن يو اي اي جي قيادت ۽ عوام جي مهمانوازي تي ٿورن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ دبئي ۾ پاڪستان جي قونصل خاني جي ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ قونصلر به شريڪ هو.