اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن آغا سراج دراني جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته هو ڏک جي هن گهڙي ۾ ڏکويل خاندان سان برابر جو شريڪ آهي. سردار اياز صادق آغا سراج دراني جي …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن آغا سراج دراني جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته هو ڏک جي هن گهڙي ۾ ڏکويل خاندان سان برابر جو شريڪ آهي. سردار اياز صادق آغا سراج دراني جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هو ڏاهو سياستدان هو، ملڪ ۾ جمهوري قدرن کي هٿي ڏيڻ ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ سندس خدمتن کي ياد رکيو ويندو، سندس لاڏاڻي سان پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهجي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي ۽ وارثن کي صبر عطا فرمائي.











