وزيراعظم سان آسٽريليا جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر جي مُلاقات

اسلام آباد - 15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان آسٽريليا سان خاص طور تي زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبن ۾ تعاون ۽ اعليٰ معيار جي گوشت جي برآمد جي لاءِ مضبوط لاڳاپن جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار آسٽريليا جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم …

اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان آسٽريليا سان خاص طور تي زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبن ۾ تعاون ۽ اعليٰ معيار جي گوشت جي برآمد جي لاءِ مضبوط لاڳاپن جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار آسٽريليا جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم هاءِ ڪمشنر کي پاڪستان ۾ پنهنجي ملازمت جي مدي جي ڪاميابي سان تڪميل تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان آسٽريليا لاڳاپن جي مضبوط ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان آسٽريليا سان خاص طور تي زراعت، لائيو اسٽاڪ ۽ اعليٰ معيار جي گوشت جي برآمد ۾ مضبوط لاڳاپن جو خواهشمند آهي. ان سلسلي ۾ هن عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر کي پاڪستان کي آسٽريلوي ماهرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ ۾ مدد جي درخواست ڪئي. اقتصادي سڌارن بابت وزيراعظم گذريل 18 مهينن دوران ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو جنهن ۾ ڪيترائي اقتصادي سڌارا ڪيا ويا آهن. هن چيو ته اهي سڌارا ايندڙ مهينن ۾ پن جاري رهندا ته جيئن معاشي استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي. آسٽريليا سان پاڪستان جي دوستاڻي ۽ خوشگوار لاڳاپن کي اجاگر ڪندي وزيراعظم عالمي امن جي ڪوششن خاص طور تي وچ اوڀر ۾ آسٽريليا جي تعميري ڪردار کي پڻ ساراهيو. عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر شاندار استقبال ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پنهنجي قيام دوران پاڪستاني عوام ۽ حڪومت پاران ملندڙ گرمجوشي ۽ تعاون تي ان کي ساراهيو. هن پاڪستان جي وڌندڙ سفارتي پروفائيل ۽ ڏکڻ ايشيا، وچ اوڀر ۽ سڄي دنيا ۾ امن جي لاءِ ڪوششن تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. هن وزيراعظم جي انهن ڪوششن کي پڻ ساراهيو جن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ معاشي استحڪام آيو.