وزيراعظم پاران پاڪ افغان سرحد تي افغان طالبان، فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج پاران اشتعال انگيزي تي ڳڻتي جو اظهار

اسلام آباد - 15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ افغان سرحد تي افغان طالبان، فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج پاران اشتعال انگيزي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڪرم سيڪٽر ۾ افغان طالبان جي حملي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته افغان طالبان کي انهن جي اشتعال انگيز جارحيت …

اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ افغان سرحد تي افغان طالبان، فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج پاران اشتعال انگيزي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڪرم سيڪٽر ۾ افغان طالبان جي حملي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته افغان طالبان کي انهن جي اشتعال انگيز جارحيت جي جواب ۾ پاڪ فوج ڀرپور جواب ڏنو، ملڪي سالميت جو هر صورت ۾ دفاع ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته افغانستان جي سرزمين جو پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن جي لاءِ استعمال ٿيڻ انتهائي مذمت جوڳو آهي.