وزيراعظم پاران سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم مرحوم جي مغفرت ۽ سوڳوار خاندان لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته آغا سراج دراني سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي حيثيت سان اهم خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ سياسي ۽ عوامي …

اسلام آباد-15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم مرحوم جي مغفرت ۽ سوڳوار خاندان لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته آغا سراج دراني سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي حيثيت سان اهم خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ سياسي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ سندس خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون.

مزید خبریں