وزيراعظم پاران گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ سال 2026ع کان 2028ع تائين نئين ميمبر طور تي پاڪستان جي شموليت تي خوشي جو اظهار

اسلام آباد - 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ سال 2026ع کان 2028ع تائين نئين ميمبر جي طور تي پاڪستان جي شموليت تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جو ميمبر چونڊجڻ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي موثر ۽ ڀرپور ڪردار جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا …

اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ سال 2026ع کان 2028ع تائين نئين ميمبر جي طور تي پاڪستان جي شموليت تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جو ميمبر چونڊجڻ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي موثر ۽ ڀرپور ڪردار جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته اسان سڄي دنيا ۾ انساني حقن جي سربلنديءَ جي لاءِ ڪائونسل ۾ پاڪستان جي ڀرپور ڪردار جي عزم جو اظهار ڪريون ٿا.

مزید خبریں