اسلام آباد - 14 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي قومي نشرياتي اداري (پي ٽي وي) جا انتظامي ۽ پيشيواراڻا خرچ پورا ڪرڻ جي لاءِ آمدني جا اضافي ذريعا ڳولڻ تي زور ڏنو آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ان ڏس ۾ کنيل قدمن بابت اجلاس کي تفصيلن بابت آگاهه ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي وزارت تي زور ڏنو …
قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس، پي ٽي وي جي آمدني جا اضافي ذريعا ڳولڻ، ملازمن خلاف التوا هيٺ انڪوائريون جلد اڪلائڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي قومي نشرياتي اداري (پي ٽي وي) جا انتظامي ۽ پيشيواراڻا خرچ پورا ڪرڻ جي لاءِ آمدني جا اضافي ذريعا ڳولڻ تي زور ڏنو آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ان ڏس ۾ کنيل قدمن بابت اجلاس کي تفصيلن بابت آگاهه ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي وزارت تي زور ڏنو ته پنهنجي ملازمن جي رهتن جي ادائيگي جي لاءِ حڪومت کان گرانٽ حاصل ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪري. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين قومي اسيمبلي ميمبر پلين بلوچ جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ ٿيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ويو ته موجوده انتظاميا ڪارپوريشن کي پاڻڀرو بڻائڻ جي لاءِ انتظامي ۽ مالي سڌارن کي مسلسل اڳتي وڌايو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان اسٽينڊنگ ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ته ڪيترين ئي تجويزن تي ڪم ڪيو ويو آهي جن ۾ پي ٽي وي نيٽ ورڪ جي ڊيجيٽلائيزيشن، اينڪر پرسنز جي ڀرتي ۽ متحرڪ مارڪيٽنگ اسٽريٽجي جهڙا قدم شامل آهن. هن چيو ته حڪومت موجوده مالي سال دوران خرچ پورا ڪرڻ جي لاءِ 11 ارب رپيا ڏنا آهن جڏهن ته باقي رهتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ گرانٽ جي فراهمي حاصل ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. هن وڌيڪ آگاهه ڪيو ته پي ٽي وي اسڪرين جي حوالي سان بهتري آندي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ پي ٽي وي جي ويورشپ ۾ اضافو ٿيو آهي. هن تازو ئي پاڪستان ٽيليويزن جي ٽرانسفارميشن بابت پڻ ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ته جيئن پي ٽي وي سڄي دنيا ۾ پنهنجي نشريات جي ذريعي ناظرين جي خبرن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڪستان مخالف منفي پروپئگنڊه جو مقابلو ڪري سگهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي نمائندن ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي تحفظ (ترميمي) بل 2025ع تي بحث محرڪ جي غيرموجودگي جي ڪري ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ ان کي ايندڙ اجلاس ۾ بحث هيٺ آڻڻ جو فيصلو ڪيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي وزارت کي پيمرا جي چيئرمين جي مقرري جو عمل جلد اڪلائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ويو ته اهو عمل اڳ ۾ ئي شروع ڪيو ويو آهي ۽ حتمي منظوري جي لاءِ نالا پارلياماني ڪميٽي ڏانهن موڪليا ويندا ته جيئن شارٽ لسٽ ڪيل اميدوارن مان چيئرمين جي چونڊ ڪري سگهجي. ڪميٽي پي ٽي وي ملازمن جي خلاف التوا هيٺ انڪوائريز کي پڻ جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اسٽينڊنگ ڪميٽي ڪراچي ۾ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي پي ايس ڊي پي منصوبن جاري ڪرڻ ۾ دير تي غور ڪندي قومي اسيمبلي ميمبر سيد امين الحق جي سربراهي ۾ هڪ ذيلي ڪميٽي جوڙي ڇڏي ته جيئن اها انهن منصوبن جو جائزو وٺي، ان سان واڳيل مسئلن جو تعين ڪري ۽ پنهنجون سفارشون مرڪزي ڪميٽي کي پيش ڪري. ذيلي ڪميٽي کي پي بي بي سي جي ملڪيتن کي آمدني پيدا ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ بابت تجويزون ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري، قومي اسيمبلي ميمبرن صلاح الدين جوڻيجو، راڻا انصار، سحر ڪامران، شاهين، ڪرن حيدر، رومينه خورشيد عالم، آسيه ناز تنولي، ڪرن عمران ڊار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل ادارن جي ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.











