اسلام اباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) حڪومت پاڪستان اسٽيل ملز (پي ايس ايم) جي 411 رٽائرڊ ملازمن جي بقايائن جي ادائگيءَ لاءِ 1.366 ارب رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن. ”ويلٿ پاڪستان“ کي دستياب سرڪاري دستاويزن موجب اها رقم گريجوئيٽي، پروويڊنٽ فنڊ ۽ ليو انڪيشمينٽ جي مد ۾ ادا ڪئي ويندي. بقايائن جي ورڇ آڪٽوبر دوران مڪمل ثيڻ جي اميد آهي جنهن سان رٽائرڊ ملازمن کي مالي رليف ملندو. دستاويزن …
حڪومت طرفان پاڪستان اسٽيل ملز جي رٽائرڊ ملازمن جي بقايائن جي ادائگيءَ لاءِ 1.366 ارب رپيا جاري

مزید خبریں
اسلام اباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) حڪومت پاڪستان اسٽيل ملز (پي ايس ايم) جي 411 رٽائرڊ ملازمن جي بقايائن جي ادائگيءَ لاءِ 1.366 ارب رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن. ”ويلٿ پاڪستان“ کي دستياب سرڪاري دستاويزن موجب اها رقم گريجوئيٽي، پروويڊنٽ فنڊ ۽ ليو انڪيشمينٽ جي مد ۾ ادا ڪئي ويندي. بقايائن جي ورڇ آڪٽوبر دوران مڪمل ثيڻ جي اميد آهي جنهن سان رٽائرڊ ملازمن کي مالي رليف ملندو. دستاويزن موجب پاڪستان اسٽيل ملز ۾ هاڻ به 899 ملازم موجود آهن جن جون پگهارون حڪومتي قرضن مان ادا ڪيون پيون وڃن ته جيئن اداري جا بنيادي معاملا جاري رهن، جڏهن ته ان جي نئين سر تنظيم جو عمل پڻ جاري آهي. ان دوران ان قيمتي قومي اداري کي محفوظ بڻائڻ لاءِ انتظاميه اينٽي ٿيفٽ مهم ۾ تيزي آڻيندي، ٽامي ۽ ٻئي مواد جي چوريءَ جي سلسلي ۾ 26 ايف آءِ آرز داخل ڪرايون ويون ۽ ڪيتريون ئي گرفتاريون عمل ۾ آيون. هٿ ڪيل مواد نيلام ڪري حاصل ٿيل آمدني اداري جي مالي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ ۾ استعمال ڪئي ويندي. ان کان علاوه پاڪستان اسٽيل ملز جي 20 ايڪڙ قبضي هيٺ آيل ايراضي خالي ڪرائي ورتي آهي، جڏهن ته مقامي انتظاميه جي سهڪار سان وڌيڪ 38 ايڪڙ ايراضيءَ خالي ڪرائڻ جو منصوبو آهي. انهن ايراضين کي حڪومتي رٿائن تحت ٻيهر صنعتي مقصد لاءِ استعمال ۾ آندو ويندو. جيتوڻيڪ اسٽيل مل جي پيداوار 2015ع کان معطل آهي جڏهن ته حڪومت طرفان مالي صفائي، ايراضيءَ جي بازيابي ۽ ملازمن جي بقايائن جي ادائگي تي ڌيان مستقبل ۾ صنعتي بحاليءَ جي بنياد تي ڏٺي پئي وڃي. موجوده سڌارن وارا منصوبا بقايائن جي ادائگي، قبضي هيٺ زمينن جي بازيابي ۽ احتسابي نظام جي استحڪام تي ٻڌل آهي. ڪراچيءَ ۾ 18600 ايڪڙن تي ڦهليل صنعتي ادارو ”گلشنِ حديد هائوسنگ پروجيڪٽ“ پڻ شامل ڪري ٿو جيڪو 1986ع کان مختلف مرحلن ۾ ملازمن لاءِ تعمير ڪيو ويو. پاليسي سازن موجب اسٽيل ملز جي بحالي هڪ اسٽريٽجڪ اقتصادي ترجيح آهي جيڪا اسٽيل جي روانگي واپار ۾ گهٽتائي، روزگار جي موقعن ۾ واڌ، تعميراتي ۽ صنعتي شعبن جي استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.











