پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ هلندڙ هفتي دوران اسٽاف سطح جي معاهدي تي صحيح ٿيڻ جا امڪان آهن: سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ هلندڙ هفتي دوران اسٽاف سطح جي معاهدي تي صحيح ٿيڻ جا امڪان آهن، هلندڙ سال جي پڄاڻيءَ کان اڳ پهريون گرين پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ جي اميد آهي. هن اها ڳالهه واشنگٽن ڊي سي ۾ آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ …

اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ هلندڙ هفتي دوران اسٽاف سطح جي معاهدي تي صحيح ٿيڻ جا امڪان آهن، هلندڙ سال جي پڄاڻيءَ کان اڳ پهريون گرين پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ جي اميد آهي. هن اها ڳالهه واشنگٽن ڊي سي ۾ آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي برطانوي خابرو ايجنسي کي انٽرويو ۾ چئي. ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف مشن گذريل ٻن هفتن کان پاڪستان ۾ موجود هو ۽ پاڪستان سان مقداري ۽ ڍانچي جاتي هدفن جي حوالي سان مشن سان انتهائي تعميري ڳالهيون ڪيون آهن ۽ اسان ان سان ڪجهه فالو اپ ملاقاتون پڻ ڪري رهيا آهيون. ناڻي واري وزير چيو ته اميد آهي ته هلندڙ هفتي آءِ ايم ايف سان اسٽاف سطح جو معاهدو طئي ٿي ويندو. هن چيو ته هلندڙ سال جي پڄاڻيءَ کان اڳ چين جي ڪرنسي يوآن ۾ پهريون گرين پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ جي اميد آهي، هي پاڪستان جو پهريون يوآن ۾ جاري ٿيندڙ بانڊ هوندو. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته حڪومت ايندڙ سال عالمي مارڪيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ارب ڊالرن جا بانڊز وِڪري سان واپسيءَ جو ارادو رکي ٿي جنهن جا تفصيل اڃا طئي ناهن ٿيا. هن چيو ته يورو، ڊالر، سڪوڪ، اسلامي سڪوڪ سميت پاڪستان سمورا آپشنز کُليل رکيا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته اميد آهي ته نجڪاري سڌارا ۽ جٽادار معيشت جي ايجنڊا جو اهم حصو آهن ۽ آئينده مالي سال جي پڄاڻيءَ تائين ان ۾ تيزي اچڻ جو امڪان آهي. ناڻي واري وزير چيو ته هي اسان جي معاشي روڊ ميپ جو هڪ نهايت اهم حصو آهي، حڪومت ٽن بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين ۽ قومي ايئر لائن جي نجڪاريءَ جي عمل ۾ پڻ اڳڀرائي ڪري رهي آهي ۽ ان حوالي سان اسان ڪافي پُراميد آهيون. ناڻي واري وزير چيو ته يورپ ۽ برطانيه جي منافع بخش روٽس ٻيهر کُلڻ کانپوءِ پي آءِ اي ۾ دلچسپي رکندڙ اهل سيڙپڪارن جا امڪان روشن ٿي ويا آهن، جنهن سان اهو سيڙپڪارن لاءِ هڪ نهايت پُرڪشش موقعو بڻجي ويو آهي.

مزید خبریں