سينيٽ چيئرمين سان مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل جي ملاقات

اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني مسلم ورلڊ ليگ جي پليٽ فارم کي مسلم اُمت لاءِ انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سان مسلمانن جي اتحاد ۽ مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ڪوششون ڪري سگهجن ٿيون. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين سان پارليامانيٽ هائوس ۾ مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد عبدالڪريم لعيسي ملاقات ڪئي. ملاقات …

اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني مسلم ورلڊ ليگ جي پليٽ فارم کي مسلم اُمت لاءِ انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سان مسلمانن جي اتحاد ۽ مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ڪوششون ڪري سگهجن ٿيون. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين سان پارليامانيٽ هائوس ۾ مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد عبدالڪريم لعيسي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ عالمِ اسلام کي درپيش مختلف چئلينجز تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران سينيٽ چيئرمين مسلم ورلڊ ليگ جي پليٽ فارم کي مسلم اُمت لاءِ انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سان مسلمانن جي اتحاد ۽ مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ڪوششون ڪري سگهجن ٿيون. هن مسلم ورلڊ ليگ ۽ ان جي سيڪريٽري جنرل جي خدمتن کي ساراهيو ۽ چيو ته دنيا جي مختلف خطن ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ جي ڀڃڪڙين جي تدارڪ لاءِ هڪ مربوط ۽ گڏيل لائحه عمل اختيار ڪرڻ ضروري آهي. سينيٽ چيئرمين اتحاد بين المسلمين جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته اسان کي گڏيل اعتماد ۽ يڪجهتيءَ ذريعي پنهنجي صفن کي مضبوط بڻائڻو پوندو. سيڪريٽري جنرل پنهنجي پاڪستان جي دؤري کي اهميت وارو قرار ڏنو ۽ سينيٽ چيئرمين جي مهمان نوازي ۽ ڌيان ڏيڻ تي ٿورو مڃيو. هن چيو ته مسلم ورلڊ ليگ پاڪستان سان ويجهي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۽ عالمي سطح تي گڏيل مؤقف اختيار ڪرڻ جي حوالي سان ڀرپور سهڪار جاري رکندي.

مزید خبریں