پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نئون رڪارڊ قائم، 100 انڊيڪس 7032.60 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 165476.02 پوائنٽس تي بند

اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس هڪ لک 65 هزار جي نفسياتي حد کي ڪاميابي سان پار ڪري ورتو. ڏينهن جي شروعات تي مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان رهيو جيڪو سڄو ڏينهن جاري رهيو. ڪي ايس 100 انڊيڪس 7032.60 پوائنٽس(4.25) اضافي کانپوءِ 165476.02 پوائنٽس تي بند ٿيو جيڪو هڪ نئون رڪارڊ آهي. مجموعي …

اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس هڪ لک 65 هزار جي نفسياتي حد کي ڪاميابي سان پار ڪري ورتو. ڏينهن جي شروعات تي مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان رهيو جيڪو سڄو ڏينهن جاري رهيو. ڪي ايس 100 انڊيڪس 7032.60 پوائنٽس(4.25) اضافي کانپوءِ 165476.02 پوائنٽس تي بند ٿيو جيڪو هڪ نئون رڪارڊ آهي. مجموعي طور تي 483 ڪمپنين جي 1178.98 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 59.20 ارب رپيا هئي. 391 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 69 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 23 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 2294.49 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 51034.75 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 12928.05 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 243038.50 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 19.72 ارب رپين جا سودا طئي ٿيا. گذريل ڏينهن بئنڪ آف پنجاب جي 100722438 شيئرز، پي ٽي سي ايل 79832584 شيئرز ۽ پيس پاڪستان لميٽيڊ جي 74773664 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. ايسڪارٽس انويسٽمنٽ بئنڪ، ڪوه نور انڊسٽريز لميٽڊ ۽ آئيڊ ئيل سپننگ ملز لميٽيڊ سرِ فهرست ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.

مزید خبریں