اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جا ناتا گڏيل اعتماد، احترام ۽ گڏيل ترقيءَ جي عزم تي ٻَڌل آهن، پاڪستان خطي ۾ امن ۽ خوشحاليءَ کي هٿي وٺرائڻ جي پنهنجي ترجيحن ۾ شامل رکي ٿو. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين سان آذربائيجان جي اسپيڪر هتي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن ناتن، پارلياماني سهڪار، واپار، …
پاڪستان ۽ آذربائيجان جا ناتا گڏيل اعتماد، احترام ۽ گڏيل ترقيءَ جي عزم تي ٻَڌل آهن: سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جا ناتا گڏيل اعتماد، احترام ۽ گڏيل ترقيءَ جي عزم تي ٻَڌل آهن، پاڪستان خطي ۾ امن ۽ خوشحاليءَ کي هٿي وٺرائڻ جي پنهنجي ترجيحن ۾ شامل رکي ٿو. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين سان آذربائيجان جي اسپيڪر هتي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن ناتن، پارلياماني سهڪار، واپار، سيڙپڪاري ۽ علائقائي رابطن کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان آذربائيجان سان ڀائراڻن ناتن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان ۽ آذربائيجان جا ناتا گڏيل اعتماد، احترام ۽ گڏيل ترقيءَ جي عزم تي ٻَڌل آهن، گهٽ مُدي ۾ ٻنهي ملڪن مثالي ناتا قائم ڪيا جيڪي دنيا لاءِ پيروي جوڳا آهن. هن چيو ته اعليٰ سحي رابطا ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو مظهر آهن. آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جو امڪاني دؤرو ٻه طرفن ناتن کي نئون مضبوط بنياد فراهم ڪندو، ٻنهي ملڪن جا اداره جاتي رابطا باقاعدگيءَ سان جاري آهن جيڪي ناتن جي استحڪام جو ثبوت آهن. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ٻنهي ملڪن جا پارلياماني ناتا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. هن فيبروري 2025ع ۾ باڪو ۾ ٿيل ايشين پارلياماني اسيمبليءَ ۾ شرڪت کي خوشگوار تجربو قرار ڏيندي چيو ته پارلياماني فرينڊشپ گروپس وچ ۾ رابطا عوامي سطح تي ناتن کي هٿي وٺڻ جو سبب بڻيا. سينيٽ چيئرمين آذربائيجان جي سپيڪر کي نومبر ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ عالمي اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. پاڪستان، آذربائيجان کي هڪ اهم سيڙپڪار ڀائيواري طور ڏسي ٿو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته بنهي ملڪن وچ ۾ واپاري رابطن ۾ بهتريءَ جي گنجائش موجود آهي، پاڪستان خطي ۾ امن ۽ خوشحالي کي هٿي وٺرائڻ کي پنهنجي ترجيحن ۾ شامل رکي ٿو. پاڪستان وچ ۽ ڏکڻ ايشيا وچ ۾ واپاري پل طور اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، سياحت جي شعبي ۾ گڏيل سهڪار جا وسيع موقعا موجود آهن، ٻنهي ملڪن جا ناتا وقت سان وڌيڪ مضبوط ٿيندا. سينيٽ چيرمين، صدر الهام عليوف کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني ۽ چيو ته پاڪستان آذربائيجان جي قيادت تي شاندار استقبال جو منتظر آهي. ان موقعي تي آذربائيجان جي اسپيڪر سينيٽ چيئرمين جو ٿورو ادا ڪيو. اسپيڪر ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.











