اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان جي نالي خط ۾ کيس ڪامن ويلٿ پارليامينٽري ايسوسيئيشن (سي پي اي) طرفان 68هين ڪامن ويلٿ پارلياماني ڪانفرنس دوران ”ڪامن ويلٿ پارليامينٽيرين آف دي ايئر“ جي اعزاز سان نوازجڻ تي مبارڪون پيش ڪيون. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته فخر جوڳو اعزاز نه صرف پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي …
سردار اياز صادق پاران پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي نالي خط

مزید خبریں
اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان جي نالي خط ۾ کيس ڪامن ويلٿ پارليامينٽري ايسوسيئيشن (سي پي اي) طرفان 68هين ڪامن ويلٿ پارلياماني ڪانفرنس دوران ”ڪامن ويلٿ پارليامينٽيرين آف دي ايئر“ جي اعزاز سان نوازجڻ تي مبارڪون پيش ڪيون. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته فخر جوڳو اعزاز نه صرف پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي جمهوري قدرن، اعليٰ پارلياماني ڪارڪردگي ۽ اداره جاتي سڌارن سان وابستگي جو اعتراف آهي پر اهو پوري قوم لاءِ فخر جوڳو پڻ آهي. هن ان ڳالهه تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته ڪنهن ايشيائي ملڪ جي اسپيڪر کي پهريون ڀيرو اهو اعزاز حاصل ٿيو آهي جيڪو پاڪستان ۽ پنجاب اسيمبليءَ لاءِ انتهائي وقار ۽ اعزاز جو سبب آهي. سردار اياز صادق سندس دانشمنديءَ کي ساراهيندي چيو ته اسپڪر جي حيثيت سندس قدم جن ۾ قاعدن ۽ ضابطن ۾ جديد سڌارا، پارلياماني ڪميٽين کي مضبوط بنائڻ، ڪاررواين جي سڌيءَ ريت نشريات ذريعي شفافيت کي هٿي وٺرائڻ ۽ علائقائي پارلياماني ڪانفرنس جي بندوبست سان بين الپارلياماني سهڪار کي هٿي ڏيڻ شامل آهي. پاڻ قانونسازي ۽ پارلياماني طرزِ حڪمرانيءَ لاءِ نوان معيار قائم ڪيا آهن. هن چيو ته اها ڪاميابي پارلياماني خدمتن جي اعليٰ روايتن جي عڪاسي ۽ عالمي سطح تي پارلياماني سفارتڪاري ۾ پاڪستان جي وڌندڙ ڪردار جو مظهر آهن. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر قومي اسيمبلي جي ميمبرن طرفان ۽ پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ پنجاب اسيمبليءَ جي اسپيڪر لاءِ گرمجوشيءَ وارين مبارڪن جو اظهار ڪيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو جمهوري ادارن جي استحڪام ۽ عوامي نمائندن طرزِ حڪمراني تي اعتماد جي بحاليءَ لاءِ ان ئي جذبي ۽ عزم سان پنهنجون خدمتون جاري رکندو.











