پاڪستان ۽ ويٽنام وچ ۾ ٽيڪسٽائل، ليدر، فارما، زراعت، فوڊ پروسيسنگ ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ سهڪار جا وسيع موقعا موجود آهن: ڄام ڪمال خان

اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ويٽنام وچ ۾ پُراڻا ۽ خوشگوار ناتا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽيڪسٽائل، ليدر، فارما، زراعت، فوڊ پروسيسنگ ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ سهڪار جا وسيع موقعا موجود آهن، ترجيحي واپاري معاهدي سان مارڪيٽ تائين پهچ ۽ واپاري جدت وڌندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه …

اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ويٽنام وچ ۾ پُراڻا ۽ خوشگوار ناتا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽيڪسٽائل، ليدر، فارما، زراعت، فوڊ پروسيسنگ ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ سهڪار جا وسيع موقعا موجود آهن، ترجيحي واپاري معاهدي سان مارڪيٽ تائين پهچ ۽ واپاري جدت وڌندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه هتي مقامي هوٽل ۾ رٿيل پاڪستان ويتنام بزنس فورم کي خطاب ۾ ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جا ڪاروباري ادارا ڊگهي مُدي واري پارٽنرشپ قائم ڪن، پاڪستان ۾ نوجوان افرادي سگهه ۽ پُرڪشش ڪاروباري ماحول موجود آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار کي هٿي وٺرائڻ ۾ سهولت مهيا ڪندو. هن چيو ته ويٽنام جي صنعتي ترقي ۽ ويليو ايڊڊ مينيوفيڪچرنگ مان اسان کي سکڻ جي ضرورت آهي، بزنس فورم پاڪ ويٽنام معاشي ناتا نئين باب جي شروعات آهن. وفاقي وزير چيو ته ملاقاتون ۽ بي 2 بي سيشنز ٻه طرفي واپار کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ڄام ڪمال خان ويٽنامي ڪمپنين کي پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جي دعوت ڏني. هن چيو ته پاڪستان ۽ ويٽنام ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) تي ڳالهين جي شروعات تي اتفاق ڪري ورتو، ترجيحي واپاري معاهدو 2025ع جي پڄاڻيءَ تائين مڪمل ڪرڻ هدف مقرر ڪيو ويو آهي. معاهدي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۾ ڪيترائي ڀيرا ضافو ٿيندو ۽ ترقيءَ جون نيون راهون هموار ٿينديون. تقريب کي خطاب ۾ ويٽنام جي صنعت ۽ واپار واري وزير اينگون هونگ ديئن چيو ته ترجيحي واپاري معاهدي سان جٽادار ترقيءَ جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته ويٽنام جا سيڙپڪار پاڪستان جي گهڻن شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا خاص ڪري معدنيات، فارما، ٽيڪسٽائل ۽ ليڊر جي شعبن ۾ نجي سيڙپڪار دلچسپي رکن ٿا. بزنس فورم ۾ ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان ۽ ويٽنامي وزارت بريفنگ پڻ ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جي وزيرن نجي شعبي کي گڏيل منصوبن ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. بزنس فورم ۾ پاڪستان ۽ ويٽنام جي ڪيترن ئي ڪاروباري نمائندن شرڪت ڪئي. بزنس فورم ۾ ٻنهي وزيرن ناتن کي نئين معاشي دؤر ۾ داخل ڪرڻ جي عزم کي ورجايو ۽ ٻنهي ملڪن واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي، ڪنيڪٽوٽي ۽ سياحت ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ويٽنام بزنس ڪميونٽي کي نومبر ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ فوڊ اينڊ ايگريڪلچر ايڪسپو ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.

مزید خبریں