ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 36 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 36 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 8 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 8 هزار 400 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 16 هزار 700 ڪيوسڪ …

اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 36 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 36 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 8 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 8 هزار 400 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 16 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 16 هزار 700 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 10 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 10 هزار 400 ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 15 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 7 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 8 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 2 هزار 800 ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 91 هزار 600 ۽ هيٺانهون وهڪرو 49 هزار 200 ڪيوسڪ، ڪوٽري بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 60 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 36 هزار 400 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1550.00 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.728 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1242.00 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 7.277 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 647.70 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.244 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں