اسلام آباد - 14 - آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي معيشت ۾ مصنوعات ۽ خدمتن جو معيار اسان جي مسابقتي برتري جو تعين ڪري ٿو، عالمي معيارن جي پابندي هڪ اختيار نه آهي پر اهو عالمي منڊين تائين پهچ، روانگي واپار ۾ اضافي ۽ پاڪستان جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب معيارن جي عالمي …
عالمي معيشت ۾ مصنوعات ۽ خدمتن جو معيار اسان جي مسابقتي برتري جو تعين ڪري ٿو: وزيراعظم شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي معيشت ۾ مصنوعات ۽ خدمتن جو معيار اسان جي مسابقتي برتري جو تعين ڪري ٿو، عالمي معيارن جي پابندي هڪ اختيار نه آهي پر اهو عالمي منڊين تائين پهچ، روانگي واپار ۾ اضافي ۽ پاڪستان جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب معيارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اسان عالمي برادري سان گڏجي معيارن کي اختيار ڪرڻ جو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون جيڪو محفوظ، پائيدار ۽ خوشحال دنيا جي تعمير ۾ مدد ڏي ٿو، هن سال جو موضوع ”بهتر دنيا جي لاءِ گڏيل ويزن“ ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿو ته محفوظ، جامع ۽ پائيدار مستقبل جي تعمير جي لاءِ عالمي سطح تي هڪ عزم موجود آهي، اهو اسان کي اهو به ياد ڏياري ٿو ته معيار اعتبار، اعتماد ۽ اقتصادي ڪاميابي جو بنياد آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي عالمي معيشت ۾ اسان جي مصنوعات ۽ خدمتن جو معيار اسان جي مسابقتي برتري جو تعين ڪري ٿو. عالمي معيارن جي پابندي هڪ اختيار نه آهي پر اهو عالمي منڊين تائين پهچ، روانگي واپار ۾ اضافي ۽ پاڪستان جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ضرورت آهي. معيار عالمي صارفين کي ميڊ ان پاڪستان برانڊ تي اعتماد ڏين ٿا ۽ اسان جي ڪاروبارن کي معيار ۽ ڪارڪردگي جي لاءِ هڪ بنياد فراهم ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان اسٽينڊرڊ اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي ان مشن ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. بطور قومي معيارتي اداري اهو اسان جي معيار کي يقيني بڻائيندي ته اسان جون صنعتون منصفاڻي ۽ موثر طريقي سان مقابلو ڪري سگهن، عالمي بهترين طريقن موجب هم آهنگ ڪن ٿيون. هن چيو ته حڪومت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ پي ايس ڪيو سي اي جي ان ڪم ۾ حمايت ڪري ٿي، اسان انهن کي سمورن شعبن ۾ معيار جي فروغ جي لاءِ بااختيار بڻائينداسين، جديد تخليق کي فروغ ڏينداسين، صارفين جي حفاظت ڪنداسين ۽ پنهنجي ملڪ جي اقتصادي ترقي کي سگهه ڏينداسين. هن چيو ته آئون پاڪستان اسٽينڊرڊ اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي ۽ سمورين ڌرين جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو جيڪي هر شعبي ۾ معيار ۽ بهتري قائم رکڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن پاڪستان جي ڪاروباري برادري، صنعتڪارن ۽ مينوفيڪچررز کي گذارش ڪريان ٿو ته اهي بهتر معيار کي هڪ بنيادي اصول جي طور تي اختيار ڪن. معيار جي گڏيل ويزن سان گڏجي ڪم ڪري اسان پاڪستان جي لاءِ هڪ بهتر مستقبل تعمير ڪري سگهون ٿا.











