اسلام آباد - 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سوات جي علائقي مٽه ۾ پوليو جي خاتمي واري ٽيم تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي پوليو جي مڪمل خاتمي تائين پوليو مهم جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم پوليو جي خاتمي واري ٽيم جي حفاظت ڪندڙ ليويز آفيسر عبدالڪبير جي شهادت تي ڏک …
وزيراعظم پاران سوات جي علائقي مٽه ۾ پوليو جي خاتمي واري ٽيم تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سوات جي علائقي مٽه ۾ پوليو جي خاتمي واري ٽيم تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي پوليو جي مڪمل خاتمي تائين پوليو مهم جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم پوليو جي خاتمي واري ٽيم جي حفاظت ڪندڙ ليويز آفيسر عبدالڪبير جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي شهيد جي لاءِ مغفرت ۽ سوڳوار خاندان لاءِ صبر ۽ حوصلي جي دعا ڪئي. هن چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ اهم عوامي خدمت ڪندڙن تي دهشتگرد حملا ناقابل برداشت آهن. حڪومت ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي، دهشتگردن طرفان اهڙي قسم جي مزاحمت جي باوجود پوليو خلاف مهم پوري زور شور سان جاري آهي ۽ پوليو جي مڪمل خاتمي تائين جاري رهندي.











