سينيٽ جي خالي سيٽ تي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ منظور يا رد ٿيڻ خلاف اپيلون اربع 15 آڪٽوبر کان جمع ڪرائي سگهبيون

اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه مان اڳوڻي سينيٽر شبلي فراز جي نا اهلي سبب خالي ٿيل سينيٽ جي سيٽ تي چونڊ لاءِ اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور يا رد ٿيڻ جي فيصلن خلاف اپيلون اربع کان جمع ڪرائي سگهبيون، پولنگ 30 آڪٽوبر تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري شيڊيول مطابق ڪي پي ڪي مان جنرل سيٽ تي چونڊيل سينيٽر شبلي فراز جي نا اهلي سبب ان سيٽ …

اسلام آباد- 14 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبرپختونخواهه مان اڳوڻي سينيٽر شبلي فراز جي نا اهلي سبب خالي ٿيل سينيٽ جي سيٽ تي چونڊ لاءِ اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور يا رد ٿيڻ جي فيصلن خلاف اپيلون اربع کان جمع ڪرائي سگهبيون، پولنگ 30 آڪٽوبر تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري شيڊيول مطابق ڪي پي ڪي مان جنرل سيٽ تي چونڊيل سينيٽر شبلي فراز جي نا اهلي سبب ان سيٽ تي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ 8 ۽ 9 آڪٽوبر تي جمع ڪرايا ويا جن جي جانچ پڙتال 13 آڪٽوبر تائين ٿي، نامزدگي ڪاغذ منظور يا رد ٿيڻ خلاف اپيلون اڄ ۽ ٽربيونل طرفان انهن کي 17 آڪٽوبر تائين اڪلايو ويندو. اميدوارن جي نظر ثاني ٿيل فهرست 18 آڪٽوبر تي جاري ڪئي ويندي. نامزدگي ڪاغذ 20 آڪٽوبر تائين واپس وٺي سگهبا جڏهن ته پولنگ 30 آڪٽوبر تي ٿيندي.

مزید خبریں