ٽين ٽه ڌُري اسپيڪرز اجلاس جي پڄاڻيءَ واري سيشن ۾ اسلام آباد ڊڪليئرشن جي نالي سان گڏيل پڌرائيءَ جي منظوري

اسلام آباد-13 آڪٽوبر (اي پي پي) اسلام آباد ۾ قومي اسيمبليءَ جي ميزبانيءَ ۾ منعقد ٽين ٽه ڌُري اسپيڪرز اجلاس جي پڄاڻيءَ واري سيشن ۾ اسلام آباد ڊڪليئرشن جي نالي سان گڏيل پڌرائيءَ جي منظوري ڏني وئي. پاڪستان جي قومي اسيمبلي، جمهوريه آذربائيجان جي ملي مجلس ۽ جمهوريه ترڪيه جي گرينڊ نيشنل اسيمبليءَ جي اسپيڪرز پڌرائيءَ تي صحيح ڪئي. گڏيل پڌرائيءَ ۾ ٽنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ موجود گڏيل …

اسلام آباد-13 آڪٽوبر (اي پي پي) اسلام آباد ۾ قومي اسيمبليءَ جي ميزبانيءَ ۾ منعقد ٽين ٽه ڌُري اسپيڪرز اجلاس جي پڄاڻيءَ واري سيشن ۾ اسلام آباد ڊڪليئرشن جي نالي سان گڏيل پڌرائيءَ جي منظوري ڏني وئي. پاڪستان جي قومي اسيمبلي، جمهوريه آذربائيجان جي ملي مجلس ۽ جمهوريه ترڪيه جي گرينڊ نيشنل اسيمبليءَ جي اسپيڪرز پڌرائيءَ تي صحيح ڪئي. گڏيل پڌرائيءَ ۾ ٽنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ موجود گڏيل تاريخي، ثقافتي قدرن تي ٻَڌل رشتن جو اعتراف ڪيو ويو. 2021ع ۾ باڪو ۽ 2022ع ۾ استنبول ۾ منعقد گذريل ٻن ٽه ڌُري اجلاسن کي نظر ۾ رکندي 13 آڪٽوبر 2025ع تي اسلام آباد ۾ ٽه ڌُري اسپيڪرز اجلاس منعقد ٿيو، جنهن جو مقصد ٽنهي ملڪن پاڪستان، آذربائيجان ۽ـ ترڪيه وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي ته جيئن سياسي، واپاري،ا قتصادي، دفاعي، امن ۽ سلامتي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ماحولياتي تبديلي، ماحوليات ۽ ثقافت جي شعبن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي اڳڀرائي ٿي سگهي. پڌرائيءَ ۾ اعليٰ سطحي رابطن ۽ مشاورت جي تسلسل کي برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته جيئن ٽنهي ملڪن وچ ۾ ناتن کي وڌيڪ هٿي وٺرائي سگهجي. گڏيل پڌرائيءَ ۾ گڏيل قومن، او آءِ سي، اي سي او ۽ ڊي-8 جي فريم ورڪ تحت عالمي بين الپارلياماني ادارن جن ۾ آءِ پي يو، پي يو آءِ سي، اي پي اي ۽ پي اي اي سي او ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پڌرائيءَ ۾ ماحولياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن سبب پيدا ٿيندڙ خطرن کي مُنهن ڏيڻ ۽ جٽادار ترقيءَ جي هدفن کي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان سهڪار وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ باڪو ۾ ٿيل ڪوپ-29 جي نتيجن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو جيڪو عالمي ماحولياتي قدمن کي مضبوط بنائڻ طرف هڪ اهم سنگ ميل آهي ۽ ان جي وقت سر ۽ اثرائتي لاڳو ٿيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. پڌرائيءَ ۾ ڪوپ-29 ۾ ڪلائميٽ فنانس لاءِ نئين اجتماعي اين سي ايف ڪيو کي تاريخي ڪاميابي قرار ڏنو ويو جڏهن ته ان ڳالهه تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي ته اُسرندڙ ملڪن لاءِ موافقتي فنانس جي موجوده فراهمي هاڻ به ناڪافي آهي. پيرس معاهدي جي آرٽيڪل 6 تحت ڪاربن مارڪيٽس جي فريم ورڪ جي منظوريءَ کي ساراهيو ويو جنهن سان هڪ ڏهاڪو ڊگهي دير جو خاتمو ٿيو. پڌرائيءَ ۾ ان ڳالهه کي تسليم ڪيو ويو ته پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان مختلف خطرن ۽ـ چئلينجز کي مُنهن ڏئي رهيا آهن جنهن ۾ دهشتگرد تنظيمن جو پراڪسي طور استعمال، سائبر حملا، هائبرڊ وار فيئر ۽ گمراهه ڪندڙ مهمون شامل آهن. پڌرائيءَ ۾ عالمي قانون جي اصولن، ضابطن ۽ معاهدن جي پاسداري جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو ويو ته جيئن سهڪار کي مستحڪم ڪري سگهجي. اجلاس ۾ قدرتي وسيلن جي پائيدار ۽ گڏيل استعمال لاءِ عالمي ماحولياتي معاهدن جي اثرائتي لاڳو ٿيڻ تي زور ڀريو ويو ۽ اهڙن قدمن جي مذمت ڪئي وئي جيڪي قدرتي وسيلن کي جنگي هٿيار طور استعمال ڪن ٿا. پڌرائيءَ ۾ ان ڳالهه کي تسليم ڪيو ويو ته ترقي، امن، سلامتي، استحڪام ۽ انساني حق هڪٻئي سان سلهاڙيل ۽ هڪٻئي کي تقويت ڏيندڙ عمل آهن. پڌرائيءَ ۾ اجاگر ڪيو ويو ته ٽه ڌُري ملڪن توانائيءَ جي تحفظ، تجديد جوڳي توانائي کي هٿي وٺرائڻ ۽ توانائيءَ جي رسد ۾ سهڪار وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا رهندا. اجلاس ۾ حڪومتن جي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته جيئن اوڀر- اولهه ۽ اتر- ڏکڻ راهدارين سميت رابطن جي منصوبي ۾ ٽه ڌُري سهڪار کي وسعت ڏئي سگهجي. پڌرائيءَ ۾ پارلياماني ڪميٽين، فرينڊشپ گروپس ۽ انتظامي عملي وچ ۾ رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عزم جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته عالمي امن ۽ سلامتيءَ جي استحڪام ۽ـ عالمي تڪرارن جي حل ۾ پارلياماني رابطن جي ڪردار کي هٿي ڏني وڃي. ان سلسلي ۾ پارليامينٽ ميمبر ۽ عملي لاءِ گڏيل تربيتي ۽ سگهه وڌائڻ جا پروگرام باقائدگي سان منعقد ڪرائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. عورتن ۽ نوجوانن جي فيصلي سازيءَ جي عمل ۾ ڪردار کي مضبوط بڻائڻ لاءِ قدمن ۽ نوجوانن جي مٽاسٽا فورمز ۽ عوامي سفارتڪاريءَ جي منصوبن جي حمايت تي به زور ڀريو ويو. عالمي پارلياماني ادارن کي جامع بحث ۽ سهڪار جي پليٽ فارم طور ساراهيو ويو ۽ علائقائي ۽ عالمي پارلياماني فورمز تي گڏيل مؤقف اختيار ڪرڻ لاءِ ويجهي سهڪار تي راضپو ظاهر ڪيو ويو. پڌرائيءَ ۾ سڄي دنيا ۾ مسلمانن کي درپيش اسلاموفوبيا، کاٻي ڌُر جي انتهاپسندي، نسل پرستي ۽ تعصب جي وڌندڙ رجحانن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي. مسلم اقليتن خلاف امتيازي سلوڪ ۽ ظلم جي خاتمي لاءِ علائقائي ۽ـ عالمي پارلياماني سطح تي گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. اجلاس ۾ فلسطين مسئلي تي زور ڀريو ويو ۽ غزه ۾ پائيدار ۽ جامع معاهدي جون سموريون ڪوششون شهري آبادي جي قتلِ عام جي خاتمي، انساني امداد جي بنا روڪ ٽوڪ فراهمي، فلسطينين جي جبري بي دخلي جي روڪٿام، اسرائيلي فوج جي مڪمل نيڪالي، غزه جي نئين سر تعمير ۽ اولهه ڪناري سان ان جي الحاق کي يقيني بڻايو وڃي ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق 4 جون 1967ع جي سرحدن تي ٻَڌل هڪ آزاد، خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام ذريعي اسرائيلي قبضي جي خاتمي لاءِ منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي ضرورت يقيني بڻائي وڃي جنهن جو گاديءَ وارو هنڌ القدس الشريف هجي. پڌرائيءَ ۾ 18 اپريل 2025ع تي استنبول ۾ قائم فلسطين جي حمايت ڪندڙ پارلياماني گروپن تحت وڌيڪ گڏيل قدمن تي سهڪار جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ٽه ڌُري اجلاس کان پوءِ گڏيل پڌرائيءَ ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته والاريل ڄمون ڪشمير جي تڪرار جو پُرامن حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب ئي ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي ضمانت ڏئي سگهي ٿو. پڌرائيءَ ۾ خبردار ڪيو ويو ته والاريل ڄمون ڪشمير جي آبادياتي سُڃاڻپ ۾ ڪنهن به تبديليءَ جون ڪوششون خطي ۾ ڇڪتاڻ کي وڌائي سگهن ٿيون. پڌرائيءَ ۾ ترڪ جمهوريه اُتر قبرص جي قانونساز اسيمبليءَ سان بين الپارلياماني بحث ۽ سهڪار کي جاري رکڻ ۽ وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو ويو. پڌرائيءَ ۾ آذربائيجان جي جنگ سبب متاثر ٿيل علائقن ۾ باردوي سرنگن ۽ ڌماڪيدار مواد سبب درپيش سنگين خطرن تي گهري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو ۽ آزاد ڪرايل علائقن جي بحالي، انساني بنيادن تي بارودي سرنگن جي صفائي ۽ بي گهر ماڻهن جي باعزت واپسيءَ لاءِ آذربائيجان جي ڪوششن سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. پڌرائيءَ ۾ آئينده ٽه ڌُري اجلاس 2026ع ۾ آذربائيجان ۾ گڏيل طور تي طئي ٿيل تاريخن تي منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. آخر ۾ آذربائيجان جي ملي مجلس ۽ ترڪي جي گرينڊ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪرز، قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ سندس ٽيم جو گرمجوشي ۽ شاندار ميزباني تي دلي شڪريو ادا ڪيو.

مزید خبریں