راولپنڊي-13 آڪٽوبر (اي پي پي) افغان حڪومت پاران بنا جواز ۽ بزدلاڻي اڳرائيءَ خلاف مادرِ وطن جو دفاع ڪندي شهادت ماڻيندڙ 12 شهيدن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب 11-12 آڪٽوبر جي رات افغان حڪومت طرفان بنا جواز ۽ بزدلاڻي اڳرائيءَ خلاف مادرِ وطن جو دفاع ڪندي شهادت ماڻيندڙ 12 شهيدن جي نماز جنازه چڪلاله گيريزن راولپنڊي ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي …
افغان حڪومت پاران بنا جواز ۽ بزدلاڻي اڳرائيءَ خلاف مادرِ وطن جو دفاع ڪندي شهادت ماڻيندڙ 12 شهيدن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

مزید خبریں
راولپنڊي-13 آڪٽوبر (اي پي پي) افغان حڪومت پاران بنا جواز ۽ بزدلاڻي اڳرائيءَ خلاف مادرِ وطن جو دفاع ڪندي شهادت ماڻيندڙ 12 شهيدن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب 11-12 آڪٽوبر جي رات افغان حڪومت طرفان بنا جواز ۽ بزدلاڻي اڳرائيءَ خلاف مادرِ وطن جو دفاع ڪندي شهادت ماڻيندڙ 12 شهيدن جي نماز جنازه چڪلاله گيريزن راولپنڊي ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ چيف آف دي آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي وزيرن، ڪي پي ڪي جي گورنر، سول ۽ فوجي آفيسرن ۽ عوام شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته پاڪستاني عوام هنن هيروز جي لازوال قربانين جي قرضي آهي، جنهن طالبان حڪومت جي بزدلاڻي اڳرائي خلاف پاڪستان جي علائقائي سالميت جو دفاع ڪندي پنهنجي جانيون نڇاور ڪيون ۽ افغان ڌرتي اندران سرگرم ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد پراڪسيز جو مقابلو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج قوم جي مڪمل حمايت سان پاڪستان خلاف ڪنهن به اڳرائي ۽ سازش کي ناڪم بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي.











