وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه پاران دبئي ۾ جيٽڪس گلوبل 2025ع ۾ پاڪستان پويلين جو افتتاح

دبئي-13 آڪٽوبر (اي پي پي) دبئي ۾ جيٽڪس گلوبل 2025ع ۾ پاڪستان پويلين جو افتتاح ڪيو ويو ويو. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت 10 مقامي اسٽارٽ اپس جي شرڪت کي يقيني بڻايو. وزارت مان جاري بيان موجب جيٽڪس گلوبل 2025ع ۾ پاڪستان جي ٽيڪ ڊيسٽينيشن پويلين جو باضابطه افتتاح ٿيو جيڪو ملڪ جي عالمي ٽيڪنالاجي هب طور تي عروج جو هڪ مضبوط تسلسل آهي. وفاقي وزير پويلين جو …

دبئي-13 آڪٽوبر (اي پي پي) دبئي ۾ جيٽڪس گلوبل 2025ع ۾ پاڪستان پويلين جو افتتاح ڪيو ويو ويو. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت 10 مقامي اسٽارٽ اپس جي شرڪت کي يقيني بڻايو. وزارت مان جاري بيان موجب جيٽڪس گلوبل 2025ع ۾ پاڪستان جي ٽيڪ ڊيسٽينيشن پويلين جو باضابطه افتتاح ٿيو جيڪو ملڪ جي عالمي ٽيڪنالاجي هب طور تي عروج جو هڪ مضبوط تسلسل آهي. وفاقي وزير پويلين جو افتتاح ڪيو، ساڻس آءِ ٽي وزارت جو ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ سي اي او اگنائٽ، يو اي اي بابت پاڪستان جي سفير فيصل ترمذي، اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل برگيڊيئر نادر، پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ جي سي اي او ابوبڪر، نيشنل آءِ ٽي بورڊ جي سي اي او فيصل رتيال ۽ P@SHA جو چيئرمين سيد سجاد موجود هئا. تقريب ۾ صنعت جي اڳواڻن، عالمي سيڙپڪارن ۽ عالمي ميڊيا شرڪت ڪئي. اهو پويلين بي 2 بي ملاقاتن، سيڙپڪاري جي نيٽ ورڪنگ، ڀائيواريءَ جي اعلانن ۽ اسٽارٽ اپس جي نمائش لاءِ هڪ مرڪزي سينٽر طور تي ڪم ڪري ٿو، جيڪو عالمي سهڪار لاءِ هڪ متحرڪ پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. وزيٽرز هتي لائيو ڊيموز، ٽيڪنالاجي جي انوويشن ۽ بزنس ميچ ميڪنگ سيشنز جو تجربو ڪري سگهن ٿا جنهن جو مقصد پاڪستان جي عالمي ٽيڪنالاجي واپاري اثر ۽ رسوخ کي مضبوط ڪرڻ آهي. وفاقي وزير پاڪستان جي آءِ ٽي سيڪٽر جي وڌندڙ عالمي اثرن ۽ رسوخ کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي جيٽڪس گلوبل 2025ع ۾ موجودگي اسان لاءِ اعتماد، صلاحيت ۽ ڊجيٽل طور جٽادار مستقبل جي عزم جي عڪاس آهي جيڪا وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۽ ڊجيٽل نيشنل پاڪستان جي ويزن تحت ممڪن ٿي آهي، نوجوان ۽ ماهر افرادي قوت ۽ وڌندڙ آءِ ٽي ايڪسپورٽس جي بنياد سان پاڪستان عالمي ٽيڪنالاجي معيشت جي جوڙجڪ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پاڪستاني پويلين صرف اسان جي انوويشن جي نمائندگي نٿو ڪري پر اهو دنيا جي ترقيءَ ۾ ڀائيواريءَ لاءِ اسان جو دعوت نامو آهي. آءِ ٽي وزارت 10 اسٽارٽ اپس جي دبئي ۾ جيٽڪس گلوبل 2025ع ۾ شرڪت کي سهولت فراهم ڪري رهي آهي، جيڪو دنيا جي سڀ کان وڏي ٽيڪنالاجي ۽ انوويشن ايونٽس مان هڪ آهي. ان وفد جي بندوبست ۽ معاونت ذريعي وزارت مقامي ڪاروباري صلاحيت کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ، عالمي سيڙپڪاري جو ڌيان ڇِڪرائڻ ۽ ڪاروباري ترقيءَ جا موقعا پيدا ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. اهي قدم وزارت جي انوويشن ۽ اسٽارٽ اپ ماحولياتي نظام جي ترقيءَ کي تيز ڪرڻ جي مستقل عزم جي عڪاسي ڪن ٿا. گذريل سال جيٽڪس گلوبل 2025ع ۾ پاڪستان کي ٽيڪ ڊيسٽينيشن آف دي ايئر طور تسليم ڪرڻ کانپوءِ هن سال به موجودگي هڪ همٿائيندڙ قدم جي نمائندگي ڪري ٿو، جنهن ۾ پاڪستان جون 20 کان وڌيڪ ناليوارين آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي ڪمپنيون قومي پويلين تحت پنهنجي شين، خدمتن ۽ ڊجيٽل سلوشنز عالمي سطح تي پيش ڪري رهيون آهن.

مزید خبریں