اسلام آباد-13 آڪٽوبر (اي پي پي) ترڪيه ۽ آذربائيجان جي پارليامينٽ جي اسپيڪرز جي قيادت ۾ وفد اين ڊي ايم اي جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر جو دؤرو ڪيو. ترڪيه جي گرينڊ نيشنل اسيمبليءَ جي اسپيڪر پروفيسر ڊاڪٽر نعمان ڪرتلموش ۽ آذربائيجان جي ملي مجلس جي اسپيڪر صاحبا غفوروا وفد جي قيادت ڪئي. اين اي او سي جي دؤري جي موقعي تي پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر سردار اياز …
ترڪيه ۽ آذربائيجان جي اعليٰ سطحي پارلياماني وفدن جو اين ڊي ايم اي جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر جو دؤرو

مزید خبریں
اسلام آباد-13 آڪٽوبر (اي پي پي) ترڪيه ۽ آذربائيجان جي پارليامينٽ جي اسپيڪرز جي قيادت ۾ وفد اين ڊي ايم اي جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر جو دؤرو ڪيو. ترڪيه جي گرينڊ نيشنل اسيمبليءَ جي اسپيڪر پروفيسر ڊاڪٽر نعمان ڪرتلموش ۽ آذربائيجان جي ملي مجلس جي اسپيڪر صاحبا غفوروا وفد جي قيادت ڪئي. اين اي او سي جي دؤري جي موقعي تي پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر سردار اياز صادق وفدن سان گڏ هو. ترڪيه، آذربائيجان ۽ پاڪستان جي پارليامينٽ جي 40 ميمبرن تي ٻَڌل وفد اين ڊي ايم اي هيڊ ڪوارٽرز جو تفصيلي دؤرو ڪيو. اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ وفد کي پاڪستان جي فعال ڊزاسٽر مئنجمينٽ فريم ورڪ تي بريفنگ ڏني. چيئرمين اين ڊي ايم اي اداري جي مرڪزي ڪردار، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ اڳواٽ خبردار ڪرڻ واري نظام جي حوالي سان ميمبرن کي آگاهه ڪيو. وفد کي اين ڊي ايم اي جي علائقائي سهڪار وڌائڻ جي ڪوششن، ڄاڻ جي مٽاسٽا، تربيتي ورڪشاپس ۽ عالمي مشقن جي باري ۾ پڻ آگاهه ڪيو ويو. چيئرمين اين ڊي ايم اي سانوڻي جي برساتن دوران ڪامياب آپريشنز، وقت کان اڳ خبرداريءَ واري نظام ۽ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي وقت تي نيڪاليءَ تي بريفنگ ڏني. اين ڊي ايم اي متاثر علائقن ۾ ريسيڪو، رليف ۽ بحاليءَ جي مربوط ڪارروائين کي اثرائتي انداز ۾ انجام ڏنو. ٻنهي ملڪن جي وفدن اين ڊي ايم اي جي جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ قومي سگهه وڌائڻ جي عزم کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن پاڪستان سان ڊزاسٽر رسڪ ريڊڪشن، صلاحيت ۾ واڌ ۽ گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته ٽئي ملڪ ماحولياتي تبديلي ۽ قدرتي آفتن جي گڏيل چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ هڪ آهن. اهو سهڪار خطي ۾ محفوظ، مستحڪم ۽ گڏيل فلاح تي ٻَڌل مستقبل طرف هڪ اهم قدم آهي.











