راولپنڊي-13 آڪٽوبر (اي پي پي) دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير رضا حيات هراج چيو آهي ته پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن جا رشتا گڏيل احترام، اعتماد ۽ تعميري رابطن تي ٻَڌل آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. گذريل ڏينهن دفاعي وزارت مان جاري بيان موجب جمهوريه جرمني جي سفير ايناليپل وفاقي وزير رضا حيات سان ملاقات ڪئي. …
پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن جا رشتا گڏيل احترام، اعتماد ۽ تعميري رابطن تي ٻَڌل آهن: رضا حيات هراج

مزید خبریں
راولپنڊي-13 آڪٽوبر (اي پي پي) دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير رضا حيات هراج چيو آهي ته پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن جا رشتا گڏيل احترام، اعتماد ۽ تعميري رابطن تي ٻَڌل آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. گذريل ڏينهن دفاعي وزارت مان جاري بيان موجب جمهوريه جرمني جي سفير ايناليپل وفاقي وزير رضا حيات سان ملاقات ڪئي. وفاقي وزير پنهنجي آفيس ۾ جرمن سفير جي آجيان ڪئي. هن گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ دفاعي پيداوار ۾ سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير ان ڳالهه جو پڻ اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. وفاقي وزير جرمن سفير کي آئيڊياز 2026ع ۾ شرڪت لاءِ دعوت پڻ ڏني، جيڪا نومبر/ڊسمبر 2026ع ۾ ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيندي. ايناليپل چيو ته منهنجو پاڪستان لاءِ سفير طور ٽيون دؤرو آهي. هن 2006ع کان 2009ع ۽ بعد ۾ 2015ع کان 2017ع تائين خدمتون سرانجام ڏنيون. هن چيو ته هو پنهنجي ڪيريئر ۾ ٽيون ڀيرو پاڪستان ۾ خدمتون انجام ڏئي تمام گهڻو خوش آهي.











