اسلام آباد-13 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت چيو آهي ته پرائيوٽ حج اسڪيم تحت بُڪنگ ۾ باقي 5 ڏينهن رهجي ويا آهن، 17 آڪٽوبر رات 12 وڳي بڪنگ بند ڪئي ويندي. وزارت جي ترجمان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته پرائيويٽ حج اسڪيم 2026ع لاءِ هاڻ تائين 44 هزار ڀلي پار ويندڙن جي بڪنگ مڪمل ٿي آهي جڏهن ته ڪوٽا 60 هزار آهي. منظور ٿيل حج پاليسي …
پرائيويٽ حج اسڪيم تحت بُڪنگ ۾ باقي 5 ڏينهن رهجي ويا آهن، 17 آڪٽوبر رات 12 وڳي بُڪنگ بند ڪئي ويندي: مذهبي معاملن واري وزارت

مزید خبریں
اسلام آباد-13 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت چيو آهي ته پرائيوٽ حج اسڪيم تحت بُڪنگ ۾ باقي 5 ڏينهن رهجي ويا آهن، 17 آڪٽوبر رات 12 وڳي بڪنگ بند ڪئي ويندي. وزارت جي ترجمان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته پرائيويٽ حج اسڪيم 2026ع لاءِ هاڻ تائين 44 هزار ڀلي پار ويندڙن جي بڪنگ مڪمل ٿي آهي جڏهن ته ڪوٽا 60 هزار آهي. منظور ٿيل حج پاليسي تحت پرائيويٽ حاجين جي بڪنگ جو عمل 17 آڪٽوبر تائين مڪمل ڪرڻ لازمي آهي. پرائيويٽ حج اسڪيم تي ويندڙ ڀلي پار خواهشمند وزارت جي منظور ٿيل حج ڪمپنين کان پنهنجي بڪنگ مقرر تاريخ تائين مڪمل ڪرائين. پرائيويٽ حج ڪندڙ رقمن جي ادائگي بئنڪنگ چينل ذريعي ڪرائين ۽ حج معاهدي جي ڪاپي ضرور حاصل ڪن. بڪنگ ڪرائڻ کانپوءِ ڪوائف وزارت جي ويب سائٽ www.mora.gov.pk ۽ موبائل ايپ پاڪ حج 2026ع تي ڏسي سگهجن ٿا.











