اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽرينز جي وفد صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سعيد نعيم، صلاح الدين خان يوسفزئي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبيد علي پڻ ساڻن گڏ هئا. گذريل ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڪي پي ڪي جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي …
ڪي پي ڪي جي گورنر سان پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽرينز جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽرينز جي وفد صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سعيد نعيم، صلاح الدين خان يوسفزئي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبيد علي پڻ ساڻن گڏ هئا. گذريل ڏينهن گورنر آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڪي پي ڪي جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي گورنر چيو ته صوبي جي موجوده صورتحال ۾ سياسي پارٽين کي عوام ۽ صوبي جي وسيع مفاد کي نظر ۾ رکڻو پوندو. هن چيو ته گورنر طور هو آئين ۽ قانون موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. پ پ جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ابرار سعيد سواتي پڻ ان موقعي تي موجود هو.











