اسحاق ڊار پاران آفتن جي خطرن، خامين ۽ نقصانن ۾ گهٽتائي لاءِ عالمي ڪوششن بابت پاڪستان جي ثابت قدم وابستگي جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد - 13 - آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آفتن جي خطرن، خامين ۽ نقصانن ۾ گهٽتائي جي لاءِ عالمي ڪوششن جي حوالي سان پاڪستان جي ثابت قدم وابستگي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. آفتن جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي عالمي ڏينهن (13 آڪٽوبر 2025ع) جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي …

اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آفتن جي خطرن، خامين ۽ نقصانن ۾ گهٽتائي جي لاءِ عالمي ڪوششن جي حوالي سان پاڪستان جي ثابت قدم وابستگي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. آفتن جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي عالمي ڏينهن (13 آڪٽوبر 2025ع) جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي نه رڳو انساني سببن جي ڪري پر پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ ۽ موسمياتي لچڪ جي تعمير جي لاءِ پڻ لازمي آهي، تازن سالن ۾ پاڪستان موسمياتي آفتن جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏنو آهي جن ۾ 2022ع جي بدترين ٻوڏ کان وٺي سوڪهڙي ۽ وڌيڪ گرميءَ جي بار بار اچڻ جا حملا شامل آهن. تازي شديد چوماسي جي برساتن جو حوالو ڏيندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير انهن موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان تي پوندڙ وڏي بار کي هڪ ٻي واضح تنبيهه قرار ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ جانين ۽ روزگار ٻنهي جو نقصان ٿيو. انهن تجربن فعال، ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ۽ سڀني کي شامل ڪرڻ، آفتن جي خطري جي انتظام تي ڌيان ڏيڻ جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان آفتن جي خطرن جي خاتمي جي قومي حڪمت عملي 2025 – 2030ع جي روشني ۾ هڪ جامع، گهڻ رخو موقف اختيار ڪري رهيو آهي جيڪو قومي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي روڪٿام، تياري ۽ لچڪ جي تعمير تي زور ڏي ٿو. آفتن جي خطرن جي خاتمي بابت سينڊائي فريم  ورڪ (2015ع – 2030ع) سان هم آهنگ، ملڪي پاليسين ۾ شروعاتي تنبيهي نظام کي مضبوط بڻائڻ، اڳواٽ قدمن کي اڳتي وڌائڻ، ترقياتي منصوبابندي ۾ خطرن ۾ گهٽتائي کي شامل ڪرڻ ۽ اڀرندڙ خطرن کي بهتر طور تي اڳڪٿي ۽ انتظام ڪرڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ ترجيحي بنيادن تي شامل آهي. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها تعاون کي مضبوط بڻائي، ٽيڪنالاجي جي منتقلي کي بهتر بڻائي ۽ مالياتي مڪينزم کي وڌائي ته جيئن اسرندڙ ملڪ موسمياتي تبديلين جي تيز ٿيندڙ اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ان موجب پاڻ کي قابل بڻائي سگهن. آفتن جي خطرن جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پاڪستان هڪ محفوظ، وڌيڪ لچڪدار ۽ پائيدار دنيا جي تعمير جي پنهنجي گڏيل ذميواري جي توثيق ڪندي سمورين قومن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو.

مزید خبریں