وزيراعظم شهباز شريف ۽ فلسطين جي صدر محمود عباس جي وچ ۾ غيررسمي خوشگوار ملاقات، غزه ۾ جنگبندي تي اطمينان جو اظهار

شرم الشيخ - 13 - آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فلسطين جي صدر محمود عباس غزه ۾ جنگبندي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان کي خطي ۾ امن ۽ فلسطينين جي ترقي لاءِ اهم قرار ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب شرم الشيخ ۾ امن سربراهه اجلاس جي موقعي تي جنگبندي معاهدي تي صحيحن کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ …

شرم الشيخ – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فلسطين جي صدر محمود عباس غزه ۾ جنگبندي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان کي خطي ۾ امن ۽ فلسطينين جي ترقي لاءِ اهم قرار ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب شرم الشيخ ۾ امن سربراهه اجلاس جي موقعي تي جنگبندي معاهدي تي صحيحن کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فلسطين جي صدر محمود عباس جي وچ ۾ گرمجوشي سان غيررسمي خوشگوار ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ٿي. بحرين جو فرمانروا شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه پڻ ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ شريڪ هو. فلسطين جي صدر محمود عباس فلسطينين جو سدائين ساٿ ڏيڻ ۽ انهن جي سياسي ۽ سفارتي محاذ تي مدد ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن ان موقعي تي چيو ته فلسطين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا مثالي آهن جن تي ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ عوام کي ناز آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف عزه جي بهادر عوام کي گذريل سالن ۾ همت ۽ بهادري سان مصيبتون برداشت ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ جنگبندي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان کي خطي ۾ امن ۽ فلسطينين جي ترقي لاءِ اهم قرار ڏنو.