وفاقي وزير مصدق ملڪ سان جرمني جي ڊپٽي هيڊ آف ڪوآپريشن جي ملاقات

اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان وفاقي جمهوريه جرمني جي سفارتخاني جي ڊپٽي هيڊ آف ڪوآپريشن هيلين پاسٽ، گلوبل گرين گروٿ انسٽيٽيوٽ (جي جي جي آءِ) ۽ گڏيل قومن جي ماحوليات جي حوالي سان پروگرام (يو اين اي پي - سي سي سي) جي نمائندن ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي …

اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ سان وفاقي جمهوريه جرمني جي سفارتخاني جي ڊپٽي هيڊ آف ڪوآپريشن هيلين پاسٽ، گلوبل گرين گروٿ انسٽيٽيوٽ (جي جي جي آءِ) ۽ گڏيل قومن جي ماحوليات جي حوالي سان پروگرام (يو اين اي پي – سي سي سي) جي نمائندن ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. موسمياتي تبديلي واري وزارت مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ سپورٽنگ پريپرڊنس فار آرٽيڪل سڪس ڪوآپريشن ( ايس پي اي آر سي) پروگرام تحت پاڪستان جي ڪاربن مارڪيٽ جي قائدن ۽ ضابطن، قيمتن جي تعين جي طريقيڪار ۽ گورننس فريم ورڪ کي مضبوط بنائڻ لاءِ گڏيل هدفن بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ڳالهين دوران ان ڳالهه تي روشني وڌي وئي ته پاڪستان هاڻي تياري جي مرحلي کان عملي طور لاڳو ڪرڻ طرف وڌي رهيو آهي ته جيئن هڪ شفاف، اعتماد جوڳي ۽ عالمي معيار جي ديانتداري تي ٻڌل ڪاربن مارڪيٽ قائم ڪري سگهجي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته ڪاربن مارڪيٽس صرف ڪريڊٽس جي ڏي وٺ تائين محدود نه پر ان جو مقصد موسمياتي قدمن جي منصفاڻي قدر کي يقيني بنائڻ آهي ته جيئن گهٽ ڪيل هر ٽن نيڪال سان اسان جي عوام ۽ معيشت کي حقيقي فائدو پهچي. ايس پار 6 سي پروگرام تحت اها ڀائيواري پاڪستان جي پاليسي، ريگيوليٽري ۽ ماحولياتي ڍانچي کي مضبوط بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، ته جيئن موسمياتي ماليات کي حاصل ڪرڻ، جدت کي هٿي ڏيڻ ۽ قومي سطح تي طئي ٿيل ماحولياتي هدفن (اين ڊي سيز) کي حاصل ڪرڻ لاءِ پائيدار، مارڪيٽ تي ٻڌل نظام جوڙي سگهجي.

مزید خبریں