پاڪستان ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وائرس جي موجودگي ۾ مجموعي طور تي گهٽتائي آئي آهي: عائشه رضا فاروق

اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) پوليو جي روڪٿام بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق چيو آهي ته پاڪستان ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وائرس جي موجودگي ۾ مجموعي طور تي گهٽتائي آئي آهي. پر اسان جو سفر اڃان به ختم ناهي ٿيو، خاص طور تي تازو ئي ٻوڏ کانپوءِ پوليو جي ڦهلاءَ جو خطرو وڌي ويو آهي. ٻارن کي پوليو کان بچائڻ اسان سڀني جي …

اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) پوليو جي روڪٿام بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق چيو آهي ته پاڪستان ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وائرس جي موجودگي ۾ مجموعي طور تي گهٽتائي آئي آهي. پر اسان جو سفر اڃان به ختم ناهي ٿيو، خاص طور تي تازو ئي ٻوڏ کانپوءِ پوليو جي ڦهلاءَ جو خطرو وڌي ويو آهي. ٻارن کي پوليو کان بچائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر طرفان جاري بيان مطابق سڄي ملڪ جي 159 ضلعن ۾ 7 ڏينهن واري قومي پوليو مهم جي شروعات ڪئي وئي آهي. مهم دوران 4 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا، ته جيئن هر ٻار سڄي عمر جي معذوري کان محفوظ رهي سگهي. ان کان علاوه ٻارن جي قوت مدافعت کي مضبوط بنائڻ لاءِ انهن کي پوليو ويڪسين سان گڏوگڏ وٽامن اي جي اضافي خوراڪ به ڏني ويندي. اها مهم 13 کان 19 آڪٽوبر تائين ملڪ جي سمورن حصن ۾ جاري رهندي جڏهن ته ڏکڻ ڪي پي ڪي جي 7 ضلعن ۾ اها مهم 20 آڪٽوبر کان 23 آڪٽوبر تائين منعقد ٿيندي. اها هلندڙ سال جي چوٿين قومي پوليو مهم آهي جنهن دوران پنجاب ۾ 2 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ٻارن، سنڌ ۾ 1 ڪروڙ 6 لک کان وڌيڪ ٻارن، ڪي پي ڪي ۾ 72 لک کان وڌيڪ ٻارن، بلوچستان ۾ 26 لک کان وڌيڪ ٻارن، آزاد ڄمون ڪشمير ۾ 7 لک 60 هزار کان وڌيڪ ٻارن، گلگت بلتستان ۾ 2 لک 28 هزار کان وڌيڪ ٻارن ۽ اسلام آباد ۾ 4 لک 60 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. واضح رهي هيءَ مهم اهڙي وقت ۾ شروع ڪئي وئي آهي جڏهن ملڪ ۾ پوليو وائرس جي ڦهلاءَ سبب هلندڙ سال هاڻي تائين 29 ٻار متاثر ٿي چڪا آهن.

مزید خبریں