سهيل آفريدي خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير چونڊجي ويو

پشاور- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) سهيل آفريدي خيبرپختونخواهه جو نئون وڏو وزير چونڊجي ويو. ڪي پي ڪي اسيمبلي ۾ نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ اجلاس اسپيڪر بابر سليم سواتي جي صدارت ۾ ٿيو. مخالف ڌر چونڊ عمل تي خدشن جو اظهار ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو. نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ 4 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا، جن ۾ پي ٽي آءِ اميدوار سهيل آفريدي، …

پشاور- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) سهيل آفريدي خيبرپختونخواهه جو نئون وڏو وزير چونڊجي ويو. ڪي پي ڪي اسيمبلي ۾ نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ اجلاس اسپيڪر بابر سليم سواتي جي صدارت ۾ ٿيو. مخالف ڌر چونڊ عمل تي خدشن جو اظهار ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو. نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ 4 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا، جن ۾ پي ٽي آءِ اميدوار سهيل آفريدي، جميعت علماءِ اسلام (ف) جو اميدوار مولانا لطف الرحمان، مسلم ليگ (ن) جو سردار شاهجهان يوسف ۽ پ پ پ جو اميدوار ارباب زرڪ خان شامل هئا. اسپيڪر نتيجو ٻڌايو ته پي ٽي آءِ اميدوار سهيل آفريدي 90 ووٽ کڻي وڏو وزير چونڊجي ويو آهي. ان موقعي تي سهيل خان آفريدي صوبائي اسيمبلي کي خطاب ڪندي چيو ته مان سڀ کان پهريان پاڪستاني، پوءِ پختون ۽ قبائلي آهيان. هن چيو ته محنت ۽ عوامي اعتماد جي نتيجي ۾ اهو منصب حاصل ڪيو آهي ۽ منهنجو پيغام ترقي، مساوات ۽ قبائلي ضلعن جي فڪري بهتري آهي. هن چيو ته منهنجو تعلق قبائلي ضلعن سان آهي، قبائلي ضلعا ترقي ۾ پوئتي رهجي ويا آهن ۽ منهنجي حڪومت جو اولين حدف انهن ئي علائقن جي تيز رفتار ترقي هوندو. هن چيو ته دهشتگردي جي جنگ ۾ اسان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهيون ۽ اڄ به اسان جا ماڻهو قرباني ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته سندس حڪومت عوام جي اعتماد تي پورو لهڻ جي پوري ڪوشش ڪندي ۽ صوبي جي امن ۽ استحڪام لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي.

مزید خبریں