آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ مصري صدر عبدالفتاح السيسي جي گڏيل صدارت ۾ غزه امن سربراهي اجلاس اڄ ٿيندو

قاهره- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ مصري صدر عبدالفتاح السيسي جي گڏيل صدارت ۾ غزه امن سربراهي اجلاس سومر تي شرم الشيخ ۾ ٿيندو. پرڏيهي خابرو اداري موجب سربراهي اجلاس سومر تي منجنهد جو ٿيندو جنهن ۾ 20 کان وڌيڪ ملڪن جا سربراه شرڪت ڪندا. اجلاس جو مقصد غزه جنگ جي خاتمي، وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ ۽ علائقائي سلامتي جي …

قاهره- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ مصري صدر عبدالفتاح السيسي جي گڏيل صدارت ۾ غزه امن سربراهي اجلاس سومر تي شرم الشيخ ۾ ٿيندو. پرڏيهي خابرو اداري موجب سربراهي اجلاس سومر تي منجنهد جو ٿيندو جنهن ۾ 20 کان وڌيڪ ملڪن جا سربراه شرڪت ڪندا. اجلاس جو مقصد غزه جنگ جي خاتمي، وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ ۽ علائقائي سلامتي جي هڪ نئين دور جي شروعات ڪرڻ آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پڻ اجلاس ۾ شرڪت جي تصديق ڪئي آهي . جڏهن ته برطانيا، اٽلي، اسپين ۽ فرانس جا وزيراعظم پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ اسرائيلي وزيراعظم جي شرڪت جي تصديق نه ٿي سگهي آهي.