صدر ۽ وزيراعظم پاران ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس ٽريننگ سينٽر تي خوارج دهشتگردن جي حملي جي سخت مذمت

اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس ٽريننگ سينٽر تي خوارج دهشتگردن جي حملي جي سخت مذمت ڪندي شهيد پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت  پيش ڪندي انهن جي خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب صدر چيو ته بهادر اهلڪارن وطن جي حفاظت …

اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس ٽريننگ سينٽر تي خوارج دهشتگردن جي حملي جي سخت مذمت ڪندي شهيد پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت  پيش ڪندي انهن جي خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب صدر چيو ته بهادر اهلڪارن وطن جي حفاظت لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري هڪ عظيم مثال قائم ڪيو آهي. هن پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جي بروقت ۽ دليراڻي ڪارروائي کي ساراهيندي چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين قوم ۽ سيڪيورٽي فورسز متحد رهنديون. جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ خوارج دهشتگردن سان بهادري سان وڙهندي شهيد ٿيندڙ ست پوليس اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن شهيدن جي بلند درجن جي لاءِ دعا ڪئي ۽ سندن خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته خيبر پختونخوا پوليس سدائين دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اڳيان رهي آهي. پوري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. دهشتگردن جون اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون دهشتگردي خلاف اسان جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن. اسان ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون.

مزید خبریں