وزيراعظم پاران مصنوعي ذهانت جي فروغ ۽ اثرائتي عملدرآمد لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت

اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مصنوعي ذهانت جي فروغ ۽ اثرائتي عملدرآمد لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ ترقي کي ترجيح قرار ڏيندي انهن تي تيز رفتاري سان ڪم ڪري رهي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار مصنوعي ذهانت جي فروغ جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. …

اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مصنوعي ذهانت جي فروغ ۽ اثرائتي عملدرآمد لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ ترقي کي ترجيح قرار ڏيندي انهن تي تيز رفتاري سان ڪم ڪري رهي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار مصنوعي ذهانت جي فروغ جي حوالي سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڊجيٽل معيشت جي نفاذ کي مصنوعي ذهانت جي مدد سان وڌيڪ موئثر ۽ جامع بڻايو وڃي ۽ ان ڏس ۾ قومي پاليسي کي جلد کان جلد لاڳو ڪيو وڃي. وزيراعظم واضح ڪيو ته اي آءِ جي استعمال ۾ ڊيٽا جي تحفظ، ڊيٽا جي خودمختياري ۽ اخلاقي اصولن کي نظر ۾ رکيو وڃي ته جيئن ان ٽيڪنالاجي جو اثرائتو ۽ محفوظ استعمال ممڪن بڻائي سگهجي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته اي آءِ جي عملدرآمد جي حوالي سان ماهرن تي مشتمل هڪ "اي آءِ ايڊوائزري پينل” پڻ جوڙيو پيو وڃي، جيڪو پاليسي ٺاهڻ ۽ عملي قدمن بابت سفارشون جوڙيندو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جي خاص مددگار بلال بن ثاقب، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ مصنوعي ذهانت جي ماهرن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں