لاهور- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجايو آهي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته دهشتگردن کي ذلت جو منهن ڏسڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان جي فوج، پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، عالمن، شهرين ۽ ٻارن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته قوم …
دهشتگردن کي ذلت جو منهن ڏسڻو پوندو: اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
لاهور- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجايو آهي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته دهشتگردن کي ذلت جو منهن ڏسڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان جي فوج، پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، عالمن، شهرين ۽ ٻارن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته قوم جي مڪمل حمايت سان سيڪيورٽي فورسز جي ضرب عضب ۽ ردالفساد جهڙن آپريشنن ذريعي امن قائم ڪيو ويو. هن چيو ته هڪ سياسي پارٽي فتنه الخوارج سان نام نهاد ڳالهين جي وڪالت شروع ڪري قوم جي سڀني قربانين کي تباهه ڪري رهي آهي.











