وفاقي ناڻي وارو وزير سينيٽر محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف ۽ عالمي بينڪ جي سالياني اجلاسن ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا روانو

اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي)  وفاقي ناڻي وارو وزير سينيٽر محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف ۽ عالمي بينڪ جي سالياني اجلاسن ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا روانو ٿي ويو آهي. جاري ڪيل هڪ بيان موجب ناڻي وارو وزير ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي اجلاسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. آمريڪا جي پنهنجي دوري دوران، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف، ورلڊ بينڪ، انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (آءِ …

اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي)  وفاقي ناڻي وارو وزير سينيٽر محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف ۽ عالمي بينڪ جي سالياني اجلاسن ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا روانو ٿي ويو آهي. جاري ڪيل هڪ بيان موجب ناڻي وارو وزير ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي اجلاسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. آمريڪا جي پنهنجي دوري دوران، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف، ورلڊ بينڪ، انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) ۽ ملٽي ليٽرل انويسٽمينٽ گارنٽي ايجنسي (ايم آءِ جي اي) جي اعليٰ عملدارن سان ملاقات ڪندو. ناڻي وارو وزير عالمي بينڪ جي صدر اجي بانگا سان روبرو ملاقات ڪندو. ناڻي وارو وزير عالمي بينڪ جي صدر اجي بانگا پاران چونڊ ملڪن جي ناڻي واري وزيرن لاءِ ڏنل آجياڻي ۾ خصوصي دعوت تي شرڪت ڪندو. ناڻي وارو وزير جي 24 ۽ وچ اوڀر، اتر آفريڪا ۽ پاڪستان (ايم اي اين اي پي) ملڪن جي پليٽ فارم تي آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان به ملاقات ڪندو. ناڻي وارو وزير ايم اي اين اي پي فورم کي اهم مقرر طور خطاب ڪندو. ناڻي وارو وزير ايف بي آر جي ڊجيٽل ٽرانسفارميشن جي حوالي سان عالمي بينڪ جي اهتمام هيٺ منعقد ٿيندڙ علائقائي گول ميز ۾ به شرڪت ڪندو.

مزید خبریں