نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت ۾ کنڊ جي اسٽاڪ جي صورتحال ۽ قيمتن جو جائزو وٺڻ بابت اعليٰ سطحي اجلاس

اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي وزارت ۾ کنڊ جي اسٽاڪ جي صورتحال ۽ قيمتن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ مجموعي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ملڪ ۾ درآمدي کنڊ جي اچڻ جي شيڊيول جو پڻ جائزو ورتو ويو. …

اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي وزارت ۾ کنڊ جي اسٽاڪ جي صورتحال ۽ قيمتن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ مجموعي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ملڪ ۾ درآمدي کنڊ جي اچڻ جي شيڊيول جو پڻ جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ اطمينان جو اظهار ڪيو ويو ته حڪومت جي وقت سر مداخلت ۽ درآمدات جي ڪري کنڊ جي اسٽاڪ جي سطح ۽ قيمتون مستحڪم آهن جنهن سان مارڪيٽ ۾ پهچ يقيني ٿي رهي آهي. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزير، واپار واري وزير، وزيراعظم جي ناڻي بابت خاص معاون طارق باجوه، واپار واري سيڪريٽري، صنعت ۽ پيداوار واري سيڪريٽري، ٽي سي پي چيئرمين ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي سينيئر اهلڪارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں