اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، زراعت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ايٿوپيا جي پاڪستان ۾ سفير ڊاڪٽر جمال بيڪر عبدالله الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم ايٿوپيا جي سفير کي عهدي جو مدو ڪاميابي سان …
وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، زراعت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، زراعت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ايٿوپيا جي پاڪستان ۾ سفير ڊاڪٽر جمال بيڪر عبدالله الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم ايٿوپيا جي سفير کي عهدي جو مدو ڪاميابي سان مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان ۽ ايٿوپيا جا گڏيل لاڳاپا مضبوط ڪرڻ ۾ ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم ايٿوپيا جي سفير جي عهدي جي مدي ۾ گڏيل واپاري معاهدي، ڪراچي ۽ اديس ابابا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامن جهڙا سنگ ميل عبور ڪرڻ تي خصوصي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفريقا ۾ ايٿوپيا جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي پاڪستان جي ايٿوپيا سان واپار، سيڙپڪاري، زراعت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي ايٿوپيا جي سفير پنهنجي عهدي جي مدي دوران پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران ملندڙ تعاون ۽ دوستاڻي ماحول تي دلي طور تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ايٿوپيا جي حڪومت ۽ اڳواڻن جي لاءِ دلي احترام جي جذبن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطا وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو.











