اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران ايٿوپيا جي سفارتخاني جو دورو

اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ايٿوپيا جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ مقرر ايٿوپيا جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڊاڪٽر جمال بيڪر عبدالله سان الوداعي ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ نئين بلندين تائين پهچائڻ جي لاءِ ڊاڪٽر جمال بيڪر جي شاندار ڪردار ۽ سفارتي خدمتن …

اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ايٿوپيا جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ مقرر ايٿوپيا جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڊاڪٽر جمال بيڪر عبدالله سان الوداعي ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ نئين بلندين تائين پهچائڻ جي لاءِ ڊاڪٽر جمال بيڪر جي شاندار ڪردار ۽ سفارتي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ڊاڪٽر جمال پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي عوام جي وچ ۾ دوستي جي رشتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ايٿوپيا جي وزيراعظم ڊاڪٽر ابي احمد جي قيادت ۾ ايٿوپيا ۾ ٿيندڙ ترقي ۽ تبديلي کي ساراهيو. هن چيو ته ڊاڪٽر جمال بيڪر پاڪستان جو هڪ سچو دوست آهي جنهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهڙائپ ۽ دوستي جي پُل تعمير ڪئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) ايٿوپيا جي سفير جي سفارتي خدمتن تي هڪ خصوصي دستاويزي پروگرام تيار ڪندو جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ سرانجام ڏنل شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ نشر ڪيو ويندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ايٿوپيا جي سفير چيو ته ايٿوپيا پاڪستان سان پنهنجي سفارتي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو جيڪو عالمي سطح تي هڪ موثر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر جمال بيڪر پنهنجي سفارتي دور دوران ٻطرفي ۽ گهڻ رخي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ پاڪستان حڪومت ۽ عوام جي ڀرپور حمايت تي ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ملڪن امن ۽ سلامتي، ماحولياتي استحڪام، هوابازي، واپار، سيڙپڪاري ۽ سياحت ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏنو. هن چيو ته رابطن، معاشي سفارتڪاري ۽ ماحولياتي استحڪام جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اسان کي فخر آهي. هن چيو ته ايٿوپيا جي ايئرلائينز پاڪستان جي ”لڪ آفريقا“ ۽ ”انگيج آفريقا“ پاليسين جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي جنهن تحت ايندڙ هفتي ايٿوپيا جي گادي واري شهر اديس ابابا ۾ پنجين پاڪستان – آفريقا ٽريڊ ڊيولپمينٽ ڪانفرنس ۽ سنگل ڪنٽري ايگزيبيشن منعقد ٿي رهي آهي.

مزید خبریں