نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس

اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ مجموعي اقتصادي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ناني واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جي خاص معاون ايم طارق باجوه، ناڻي واري سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين ۽ ان جي …

اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ مجموعي اقتصادي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ناني واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جي خاص معاون ايم طارق باجوه، ناڻي واري سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين ۽ ان جي ٽيم شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فنانس ۽ ايف بي آر جي ٽيم مالي سال 2026ع جي پهرين ٽه ماهي جا انگ اکر پيش ڪيا. شرڪت ڪندڙن کي آءِ ايم ايف مشن سان ٿيندڙ تازي ڳالهه ٻولهه بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ رڪاوٽن جي باوجود معيشت جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں