اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قومي اهميت جي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب انهن منصوبن جي لاءِ ٻطرفي ۽ گهڻ رخي عالمي حصيدارن پاران مالي مدد فراهم ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وزير، قانون واري وزير، اٽارني جنرل، وزيراعظم جي خاص …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قومي اهميت جي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب انهن منصوبن جي لاءِ ٻطرفي ۽ گهڻ رخي عالمي حصيدارن پاران مالي مدد فراهم ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وزير، قانون واري وزير، اٽارني جنرل، وزيراعظم جي خاص معاون ايم طارق باجوه، پرڏيهي سيڪريٽري، فنانس ڊويزن واري اسپيشل سيڪريٽري، اقتصادي معاملا ڊويزن واري سيڪريٽري ۽ ان جي ٽيم شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم منصوبن جي وقت سر تڪميل جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن عالمي حصيدارن پاران ڏنل فنڊز کي انتهائي موثر انداز ۾ استعمال ڪري سگهجي. هن لاڳاپيل ڌرين کي هدايت ڪئي ته اهي انهن منصوبن جي اڳڀرائي جي وقت بوقت جائزي جي لاءِ هڪ موثر نظام قائم ڪن.











